بيڪٽيريالاجي
From Wikipedia, the free encyclopedia
بيڪٽيريالاجي (انگريزي: Bacteriology) مائڪرو بائيولاجي جي ھڪ شاخ جو نالو آهي جنھن ۾ بيڪٽيريا جي مارفالاجي (انگريزي: Morphology)، ايڪولاجي (انگريزي: ecology)، جينيٽڪس ۽ بايوڪيميسٽري، ۽ بيڪٽيريا سان لاڳاپيل کوڙ ٻين معاملن جي بابت علم آھي. مائڪروبائيولاجي جي ھن شاخ ۾ بيڪٽيريائي جنسن جي سڃاڻپ، گروھ بندي ۽ وصفون بيان ٿيل ھونديون آھن.[1] بيڪٽيريائي جاندارن جي ٻين جاندارن جھڙوڪ پروٽوزوئا، فنگاء ۽ وائرس سان مشابهت جي ڪري مائڪروبائيولاجي ۾ بيڪٽيريالاجي جي علم جي واڌ جي ضرورت پيدا ٿي.[2] ڇوتہ اھي سڀ لفظ ھن علم جي شروعات کان اڳ اڪثر ھڪٻئي لاء استعمال ٿيندا ھئا.[3] تنھن ھوندي بہ بيڪٽريالاجي ھن وقت سائنسي علمن جي ھڪ منفرد شاخ ٿي چڪي آهي.