مائڪرو بائيولاجي (انگريزي: Microbiology؛ اردو: خورد حیاتیات)، قديم يوناني لفظن، μῑκρος (رومن: mīkros، ننڍو)، βίος (رومن: bíos، زندگي) ۽ -λογία (رومن: logía، اڀياس) مان ورتو ويو آهي. اهو خورد بين تي نظر ايندڙ جاندارن (microorganisms) يا ھڪ جيو گھرڙي وارن جاندارن (unicellular) يا گھڻن گھرڙن وارن جاندارن (Multicellular) يا بنا گھرڙن وارن جاندارن (acellular) جو اڀياس آهي. مائڪرو بايولوجي ۾ ڪيترائي ذيلي شعبا شامل آهن جن ۾ وائرولوجي، بيڪٽيريالوجي، پروٽسٽولوجي، مائڪولوجي، اميونالوجي، ۽ پيراسائيٽولوجي شامل آهن.

Thumb
اگر پليٽ يا پيٽري ڊش تي رکيل جيوڙن سان ڀريل پاڻياٺ واريون سڪل لڪيرون

نالو

لفظ مائڪرو يوناني جي لفظ مائڪروس (يوناني: μῑκρος) مان نڪتل آهي جنھن جي معني ننڍڙو آھي. بايو لفظ بہ يوناني لفظ بايوس (يوناني: λογία) مان نڪتل آهي جنھن جي معني آھي زندگي. لفظ لاجي بہ يوناني لفظ لاگيا (يوناني: λογία) مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي اڀياس يا مطالعو. اھڙي طرح مائڪروبائيولاجي جي معنيٰ آھي ننڍڙن جاندارن يا ھڪ جيو گھرڙي وارن جاندارن يا گھڻن گھرڙن وارن جاندارن يا بنا گھرڙن وارن جاندارن يا خوردبيني تي نظر ايندڙ جاندارن جو اڀياس.[1]

ذيلي شاخون

مائڪروبائيولاجي جي ذيلي شاخن ۾ ڪيترائي ٻيا علم اچن ٿا جن ۾ وائرولاجي، پيراسائيٽولاجي، مائڪولاجي ۽ بيڪٽيريالاجي شامل آهن. يوڪيريئوٽڪ مائڪرو جاندارن جي جسم جا حصا جھليدار جيو گھرڙن جا ٺھيل ھوندا آھن. انھن ۾ فنگاءِ ۽ پروٽسٽس شامل آهن. جڏهن ته پروڪاريوٽڪ جاندارن جي جسم جي حصن ۾ جھليدار جيو گھرڙا ڪانہ ٿين. .[2] وائرس جو شمار ڦيرڦار سان جاندارن جي درجي ۾ ٿيندو آهي .[3]

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.