From Wikipedia, the free encyclopedia
امام احمد بن حنبل رحه فقہ جي اُنهن چئن امامن مان هڪ هو، جنهن جي پيروي ڪرڻ ۾ مسلمان سعادت سمجهن ٿا.
امام صاحب جي ولادت 163ھ/ مطابق 780ع ڌاري بغداد ۾ ٿي. تعليم وڏن محدثن وٽ حاصل ڪيائين. وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ مڪي، مديني، شام، بصري، يمن ۽ ڪوفي به ويو. 185ھ/801ع ڌاري حديث جي عنوان تي هڪ ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ هڪ لک ويهه هزار حديثون شامل هيون. سندس شاگردن ۾ امام بخاري رحه ۽ امام مسلم رضا رحه قابل ذڪر آهن.
احمد بن حنبل | |
---|---|
(عربي ۾: أَحْمَدُ بْنُ حَنْبَل) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 23 نومبر 780 بغداد [1][2] |
موت | 2 آگسٽ 855 (75 سال) بغداد [1] |
ٻارن جو تعداد | |
عملي زندگي | |
نمايان شاگرد | امام بخاري ،امام مسلم ،امام ابو دائود |
پيشو | پولي ميٿ |
مادري ٻولي | عربي ٻولي |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي [3][4]،فارسي ٻولي |
دلچسپي | فقه ،حديثي ادب ،اسلام [5]،قانون [5] |
ترميم |
خليفي معتصم بالله جي حڪومت جي دؤر ۾، امام صاحب جن ’خلق قرآن‘ جو نظريو رکندڙ هو. انهيءَ ڳالهه تي کيس هٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون هڻي، معتصم بالله جي درٻار ۾ آندو ويو، جتي کيس قرآن کي مخلوق چوڻ لاءِ چيو ويو، پر پاڻ نه مڃيائون، جنهنڪري مٿس دُرن (ڦٽڪن) جو وسڪارو ڪرايو ويو. آخر بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ نون (9) ڏينهن کان پوءِ، ڌڪن جو تاب نه سهي، 31 جولاءِ 855ع تي رحلت ڪيائين.[6]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.