فقه(انگريزي: Fiqh )(/fiːk/;[1] اسلام ۾ قانون جي سائنس جو (انگريزي: Jurisprudence ) نالو آهي[2]. فقه جو استعمال اسلامي شريعت جي سمجھ طور ڪيو ويندو آهي [3] اھو علم شريعت ۾ قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ اجتھاد جي ذريعي واڌارو ڪري ٿو ۽ ان واڌاري کي فقيھن جي فتوائون ذريعي لاڳو ڪري ٿو. فقه ۾ غلطي جي گنجائش ھوندي آھي ۽ اھا تبديل پڻ ٿي سگھندي آھي. موجوده دور۾ سني اسلام ۾ چار فقھي مذھب آھن ۽ شيعه اسلام ۾ ٻہ فقھي مذھب آھن[4].
لغوي معنيَ
فقه جي لغوي معنيَ آهي ڪنهن شئي جو علم۽ فھم، ڪنھن شئي کي کولڻ۽ نکيڙڻ ۽ ان جي اونھائي ۾ وڃي حقيقت ڳولي لھڻ۽ ان کي پڌرو ڪرڻ، اصطلاحي طور فقه جي معني شريعت جي حڪمن ۾ سمجھ پيدا ڪرڻ آھي[5]. قرآن شريف ۾ سورة التوبہ ۾ آيت نمبر 122 ۾ فقه لفظ جو استعمال ھيٺ ڏجي ٿو:
فلولا نفر من کل فرقة منهم طائفة ليتفقهوا في الدين
ترجمو:پوء ڇونہ انھن جي سڀ ڪنھن جماعت مان ھڪ ھڪ ٽولي نڪتي ته پاڻ ۾ دين جي سمجھ پيدا ڪن.— التوبة - ۱۲۲، [5]
حوالا
Wikiwand in your browser!
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.