![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/3/33/Dhol_players.jpg/640px-Dhol_players.jpg&w=640&q=50)
پنجابي ماڻھو
پنجاب جا رھاڪو / From Wikipedia, the free encyclopedia
پنجابي: Punjabis :پنجابی, ਪੰਜਾਬੀ): پنجابي ھڪ نسلي گروھ آھي جنھن جو تعلق پنجاب سان آهي جيڪي انڊو آرين پنجابي ٻولي ڳالھائيندا آھن.[13] خطو پنجاب جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ موجود آھي، اتان جو ھڪ نسلي گروھ آھي۔ پاڪستان ۾ صوبي پنجاب ۾ آباد آھن جڏھن تہ ڀارت ۾ بہ ڀارتي رياست پنجاب ۾ آباد آھن۔ انھن جي مادري زبان پنجابي آھي جڏھن تہ ان کان علاوہ انگريزي، اردو، سرائڪي، پشتو ۽ پوٽوھاري وغيرہ کي بطور ٻين ٻولي استعمال ڪندا آھن۔ ھاڻي ٻيا بہ گروھ بڻجي ويا آھن (جيئن سرائڪي، وغيرہ) اھي بہ پنجابي نسلي گروھ جو ئي ھڪ قسم آھن جن جو زمين جي فاصلي سان گڏوگڏ لھجو بدلجي ويو۔
ڪل آبادي | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
ت. 13 – c. 15
ڪروڙ ![]() | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||
نمايان آبادي وارا علائقا | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||
ٻوليون | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||
پنجابي ۽ پنجابي لھجا | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||
مذھبَ | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||
پنجاب، پاڪستان: اسلام (97%) |
پنجاب فارسي ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان نڪتل آهي: پنج ۽ آب جن جي معني آهي پنج پاڻين واري سرزمين. پنجابي ان سرزمين تي رھندڙ ماڻھو آھن.[14]ڏکڻ ايشيا جي فارسي ترڪ فاتحن ان سرزمين جي ھن نالي کي متعارف ڪرايو[15][16][17]ارڙھين صديءَ جي آغاز ۾ڪيترن ئي قبيلن، ذاتين ۽ اتان جي رھندڙ ماڻھن جي سنگم انھن کي پنجابي جي نئين نالي سان سڃاڻپ ڏني. ان کان اڳ انھن قبيلن ۽ ذاتين ۾ ساڳي ٻولي ۽ نسلي يا ثقافتي ھڪجھڙائي ھجڻ باوجود ھڪ قوم جو تصور ڪونہ ھيو.[18][19][20]