![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/82/Web_browser_usage_share%252C_May_2017.svg/langsd-640px-Web_browser_usage_share%252C_May_2017.svg.png&w=640&q=50)
ویب برائوزر
ڪمپيوٽر سافٽويئر / From Wikipedia, the free encyclopedia
ویب برائوزر يا صرف برائوزر (انگريزي ٻولي: Web Browser)، هڪ سافٽويئر آهي، جنهن جي مدد سان عالمگير ويب مان ڄاڻ يا گھربل مواد کي حاصل ڪيو ويندو آهي. هر ويب صفحو، تصويرون، وڊيو مخلتف يونيفارم ريسورس لوڪيٽرس جي مدد سان ڳنڍيل آهن، جڏهن برائوزر ۾ گھربل يو. آر. ايل. لڳائبو ته اها مطلوبه ڄاڻ واپرائيندڙ جي ڪمپيوٽر يا موبائيل تي ڏيکاريندو آهي.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/82/Web_browser_usage_share%2C_May_2017.svg/640px-Web_browser_usage_share%2C_May_2017.svg.png)
ياد رکو، ويب برائوزر ڳولا انجڻ ناهن، پر ان کان مختلف آهن،[1] هڪ واپرائيندڙ لاءِ ڳولا انجڻ صرف هڪ ويبسائيٽ ئي هوندي آهي، جيئن گوگل ڳولا انجڻ، جيڪا ٻين وابسائيٽن جي متعلق ڄاڻ گڏ ڪندي آهي. گوگل ڳولا انجڻ يا ڪنهن ٻي ويبسائيٽ واري ڄاڻ ڏسڻ لاءِ جنهن اوزار جو استعمال ٿيندو آهي ان کي برائوزر چيو ويندو آهي.[2]
مشهور ويب برائوزر ۾ ڪيروم، فائرفاڪس، سفاري، انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۽ ايج شامل آهن.