![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/ba/Mayflower_Wikimedia_Commons_image_search_engine_screenshot.png/640px-Mayflower_Wikimedia_Commons_image_search_engine_screenshot.png&w=640&q=50)
ويب ڳولا انجڻ
ڪمپيوٽر سافٽويئر / From Wikipedia, the free encyclopedia
ويب ڳولا انجڻ هڪ سافٽويئر سسٽم آهي، جيڪو عالمگير ويب مان ڄاڻ جي ڳولا لاءِ جوڙيو ويو آهي. ڳولا جا نتيجا عمومي طور قطار ۾ ڏيکاريا وڃن ٿا، جن کي ڳولا انجڻ نتيجن وارو صفحا چيو ويندو آهي. ڳولا انجڻ پاران ڳوليل نتيجن ۾ ويب صفحا، تصويرون ۽ ٻين قسمن جا فائيل شامل هوندا آهن. ڪجهه ڳولا انجڻ ميسر سرنامن جي ڪتاب مان پڻ ڄاڻ ڳولي ڏيندا آهن. ويب سرنامن جو ڪتاب جنهن ۾ ڄاڻ کي ماڻهو شامل ڪندا آهن، پر ويب ڳولا انجڻ الخوارزمي (انگريزي: Algorithm) جي مدد سان عالمگير ويب مان ڄاڻ تلاش ڪندا آهن. انٽرنيٽ ۾ اها ڄاڻ جن تائين ڳولا انجڻ کي پهچ حاصل نه هجي ان کي اونهو ويب (انگريزي: Deep Web) چيو ويندو آهي.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/ba/Mayflower_Wikimedia_Commons_image_search_engine_screenshot.png/640px-Mayflower_Wikimedia_Commons_image_search_engine_screenshot.png)