ڄاڻ جي جڳهه From Wikipedia, the free encyclopedia
عالمگير ويب يا ورلڊ وائيڊ ويب (انگريزي ٻولي: World Wide Web، مخفف: WWW)، هڪ ڄاڻ جي جڳهه آهي، جتي مختلف فائيل، هائپرٽيڪسٽ (انگريزي ٻولي: Hypertext) ذريعي هڪ ٻي سان ڳنڍيل هجن ٿا. انهن فائيلن جي سڃاڻپ، يونيفارم ريسورس لوڪيٽرس (انگريزي ٻولي: Uniform Resource Locators، مخفف: URL) جي مدد سان ڪئي ويندي آهي ۽ انهن فائيلن کي انٽرنيٽ وسيلي ڏسي يا پڙهي سگھجي ٿو.[1] عالمگير ويب 1989ع ۾ انگريز سائنسدان ٽم بيرنيرسلي ايجاد ڪئي. هن 1990ع ۾ پهريون ویب برائوزر ٺاهيو، جڏهن سوئيزرلينڊ جي سرن ۾ ڪم ڪري رهيو هو.[2][3] اهو ویب برائوزر 1991ع ۾ سرن کان ٻاهر شايع ڪيو ويو، جنوري 1991ع ۾ ٻين تحقيقي اداران ۽ ساڳي سال جي آگسٽ ۾ اهو عام ماڻهن لاءِ شايع ڪيو ويو.
عالمگير ويب ڄاڻ واري دور (انگريزي ٻولي: Information Age) جو مرڪز و محور آهي، جنهن جي ذريعي اربين ماڻهو ڄاڻ جي ڳولا ڪن ٿا.[4][5][6] ويب صفحا (انگريزي ٻولي: Webpages) دراصل سادن اکرن تي مشتمل هوندا آهن، جن کي هائيپرٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگوئج (انگريزي ٻولي: Hypertext Markup Language، مخفف: HTML) زريعي سنواريو ۽ ترتيب ڏنو ويندو آهي. [7] ان کان سواءِ ويب صفحن ۾ تصويرون، وڊيو وغيره پڻ شامل هوندا آهن.
ويب صفحن ۾ شامل پوشيده يا داخل ڪيل هائيپرلنڪس جي مدد سان واپرائيندڙ مختلف صفحن تي وڃي سگھي ٿو. هڪ ئي ڊومين تي ساڳي قسم سان جڙيل ويب صفحن جي مجموعي کي ويبسائيٽ چيو ويندو آهي. ويبسائيٽ جا مالڪ، اتي ڄاڻ واريون شيون رکندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي عام ماڻهو ويبسائيٽن ۾ ڄاڻ جو اضافو ڪندا آهن. اڪثر تجارتي ۽ حڪومتي ادرا ويبسائيٽن جو استعمال ڪندا آهن.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.