![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/a/ab/Eid_Blessings_WDL6855.png/640px-Eid_Blessings_WDL6855.png&w=640&q=50)
عيدالاضحيٰ
حج واري عيد / From Wikipedia, the free encyclopedia
عيد الاضحيٰ قرباڻي واري عيد, مسلمانن جو مذھبي ڏڻ آھي۔ مسلمان ٻن طرح جون عيدون ملھائيندا آھن۔ ھڪ کي عيد الفطر ۽ ٻي کي عيد الاضحيٰ چيو ويندو آھي۔ عيد الاضحيٰ ذوالحج جي ڏھ تاريخ تي ملھائي ويندي آھي۔ ان ڏينھن مسلمان ڪعبۃ الله جو حج بھي ڪندا آھن۔ انس بن مالڪ فرمائن ٿا تہ جھالت جي دور ۾ ماڻھن سال ۾ ٻہ ڏينھن راند روند جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا ھئا۔ رسول الله (صلي الله عليه وآلهٖ وسلم) جڏھن مديني منور تشريف آندي تہ ارشاد فرمايو توھان ماڻھن جي راند روند جي لاءِ ٻہ ڏينھن مقرر ھيا، الله تعاليٰ انھن کي انھن کان بھتر ڏينھن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي۔ يعني عيدالفطر ۽ عيد الاضحيٰ۔ [7]
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/2/2b/Eid_ul-Fitr_praying_in_Grand_Mosque_of_Urmia_-_1926.jpg/640px-Eid_ul-Fitr_praying_in_Grand_Mosque_of_Urmia_-_1926.jpg)
Eid al-Adha | |
---|---|
![]() Calligraphic fragment dated to 1729–30 displaying blessings for Eid al-Adha in Arabic | |
سرڪاري نالو | Eid al-Adha |
ملهائڻ وارا | List
|
قسم | Islamic |
اهميت | Commemoration of Abraham (Ibrahim)'s willingness to sacrifice his son in obedience to a command from God End of the annual Hajj to Mecca |
تقريبون | During the Eid al-Adha celebration, Muslims greet each other by saying 'Eid Mubarak', which is Arabic for "Blessed Eid". |
رسمون | Eid prayers, animal slaughter, charity, social gatherings, festive meals, gift-giving |
شروعات | 10 Dhu al-Hijja |
ختم | 13 Dhu al-Hijja |
تاريخ | 10 ذوالحج |
2024 تاريخ | 16 June - 20 June (Kyrgyzstan, Uzbekistan)[1] 16 June – 18 June (Saudi Arabia, Kazakhstan, Turkmenistan)[2][3][4] 18 June - 20 June (United Kingdom, Brunei, Singapore, Japan, Morocco, Indonesia, Malaysia)[5] |
2025 تاريخ | 6 June – 10 June [6] |
دورانيو | 3 days |
لاڳاپيل | Hajj; Eid al-Fitr |
مومن جي لاءِ دنيا ۾ ٽي عيدون آھن : عبد الله ابن عباس کان روايت آھي تہ رسول الله (صلي الله عليه وآله وسلم) ارشاد فرمايا تہ عيد جو ڏينھن آھي جو الله تعاليٰ مسلمانون کي عطا فرمايا۔ سو ! جيڪوو جمعي جي لاءِ اچڻ چاھي تہ غسل ڪري ڇڏي ۽ جيڪڏھن خوشبو ميسر ھجي تہ لڳائي ڇڏي ۽ توھان تي پر مسواڪ (بہ) لازم آھي۔ [8] ذوالحج جي 9 تاريخ کي يوم عرفه يا عرفه جو ڏينهن سڏيندا آهن ۽ 10 ذوالحج کي يوم النحر يا قرباني جو ڏينهن سڏبو آهي ۽ 11, 12 ۽ 13 ذوالحج کي ايام تشريق سڏيندا آهن[9].