![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/b4/Sher_Shah%2527s_empire.png/640px-Sher_Shah%2527s_empire.png&w=640&q=50)
سلطنت سور
From Wikipedia, the free encyclopedia
سوري سلطنت (پشتو:د سوريانو ټولواکمني) هندستان جي مسلمانن جي هڪ سلطنت هئي جنهن تي پشتون سور قبيلي جا حڪمران هيا۔ان حڪومت جي گادي جي هنڌ دهلي هئي ۽ ٻوليون پشتو ۽ فارسي هيون۔سور سلطنت جو بنياد شير شاهه سوري ان وقت رکيو جڏهن هن جنگ چونسا (پٽنا جي ويجھو) مغل شهنشاهه همايون کي شڪست ڏني ۽ مغل سلطنت کي سور سلطنت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو۔هي سلطنت سورنهن سال (1540ء کان 1556ء ) تائين قائم رهي ۽ هن تي ست سلطان فائز رهيا ان کان بعد 1556ء ۾ هن سلطنت جو خاتمو ٿيو ۽ مغل سلطنت وري وجود ۾ آئي۔
ترت ڄاڻ سوری سلطنت د سوریانو ټولواکمني, گادي جو هنڌ ...
سوری سلطنت د سوریانو ټولواکمني | |
---|---|
1540–1556 | |
![]() | |
گادي جو هنڌ | دہلی |
مذهب | اسلام |
حڪومت | سلطنت |
بند ڪريو