بچاءُ جو وزير (پاڪستان)
پاڪستان جي بچاءُ وزيرن جي فهرست / From Wikipedia, the free encyclopedia
وزير دفاع (انگريزي ٻولي: Minister of Defence) پاڪستان جي وفاقي وزارت دفاع جو سربراهه هوندو آهي، جيڪو پاڪستان فوج، پاڪستان هوائي فوج، پاڪستان بحري فوج جي لاءِ خدمتون پيش ڪندو آهي. وزير وزيراعظم جي ڪابينا جو حصو هوندو آهي، جنهن لاءِ لازمي آهي ته هو اسيمبلي جو رُڪن هجي.
ترت ڄاڻ وزير دفاع پاڪستان, تجويز ڪندڙ ...
وزير دفاع پاڪستان
| |
---|---|
عهديدار پرويز خٽڪ آگسٽ 20، 2018 کان | |
تجويز ڪندڙ | وزيراعظم |
مقرر ڪندڙ | صدر |
تشڪيل | آگسٽ 14, 1947 |
اولين حامل | لياقت علي خان |
ويب سائيٽ | www |
بند ڪريو
ملڪي تاريخ ۾، دفاع جو قلمدان اڪثر ملڪ جو سربراهه وزيراعظم يا صدر سنڀاليندو آهي. پهريون دفاعي وزير، جيڪو پاڪستان جو سربراهه نه هو، اهو جنرل ايوب خان هو، جيڪو پاڪستان جي فوج جو سپهه سالار هو. 1980ع کان پوءِ وزير دفاع خاص عهدن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، هن وقت وزيراعظم، وزير خزانه، پرڏيهي معاملن جي ويز ۽ گھرو ويز سميت دفاع جي وزير کي پڻ اهم سمجهيو ويندو آهي.