پاڪستان جو وزيراعظم
پاڪستان جو اعلي سياسي عھدو / From Wikipedia, the free encyclopedia
وزير اعظم پاڪستان (اردو: وزِیرِ اعظم) پاڪستان جي حڪومت جو سربراھ ھوندو آھي ۽ رياست جو چيف ايگزيڪيٽیو آھي.[1][2] وزيراعظم ملڪ جي انتظاميہ جو سربراھ ھوندو آھي، قومي اسيمبلي ۾ سرڪار جي سربراهي ڪندو آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ حڪومتي ڪابينہ جي سربراهي ڪندو آهي.[3][4][5]قوم جو اڳواڻ ھوندو آھي ۽ ملڪ جا سمورا داخلي ۽ خارجي معاملا ان جي ڪنٽرول ۾ ھوندا آھن.[6]
وزيراعظم اسلامي جمھوريہ پاڪستان وزیر اعظم | |
---|---|
وزيراعظم پاڪستان جو مخصوص جھنڊو | |
تعظيمي لقبَ | ھز ايڪسيلنسي (سفارتي) جناب وزيراعظم (غير رسمي) معزز وزيراعظم (رسمي) |
رهائش |
|
مقرر ڪندڙ | اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان: |
عھدي جي مدت | پنج سال |
شروعات | لياقت علي خان (1947–1951) |
تشڪيل | 14 آگسٽ 1947؛ 76 سال اَڳُ (1947-08-14) |
ويب سائيٽ | www.pmo.gov.pk/ |
گذريل چونڊيل وزيراعظم نوازشريف ھيو جنھن کي ملڪ جي سپريم ڪورٽ نا اھل قرار ڏئي ڇڏيو.[7] ھن جي جاء شاھد خاقان عباسي ورتي. وزيراعظم کي قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيندا آهن ۽ اڪثر اھو قومي اسيمبلي ۾ اڪثريتي پارٽي جو سربراھ ھوندو آھي. آئين مطابق انتظامي اختيار وزيراعظم کي ھوندا آھن جيڪو ڪابينہ جوڙي انتظام سنڀاليندو آهي.[2]ملڪ جي فوجي سربراھن جي مقرري ۽ ٻين اھم معاملن ۾ آئين مطابق وزيراعظم صدر جو مکيہ صلاحڪار ھوندو آھي.[8][9] آئين جي ارڙھين ترميم ذريعي وزير اعظم جي عهدي جي اختيارن ۾ سڀني شعبن متعلق چڪاس ۽ توازن آندو ويو.[10] پاڪستان ۾ وزيراعظم جو عھدو سال 1960ع کان 1973ع تائين ۽ وري سال 1977ع کان 1985ع تائين وزيراعظم جو عھدو موجود نہ ھيو انھن عرصن ۾ ملڪ ۾ مارشل لاء جو دؤر پھيو ۽ فوجي ڊڪٽيٽرن ملڪ جي صدر جو عھدو سنڀالي وزيراعظم جا اختيار پاڻ وٽ رکي استعمال ڪيا.[11]