پاڪستان جو صدر
From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪستان جو صدر وفاق جو سربراھ ھوندو آھي. پارلياماني نظام ۾ ھي غير انتظامي عھدو ھوندو آھي ڇو تہ صدر وزير اعظم جي نصحیت تي عمل ڪرڻ جو پابند ھوندو آھي.
البتہ پاڪستان ۾ فوجي حڪومت جي دور ۾ اڪثر فوج جا سالار پنھنجو پاڻ کي صدر جي عھدي تي فائز ڪندا رھيا جتي ھو وزير اعظم جا انتظامي اختيار بہ پاڻ وٽ رکندا ھيا ڀلي انھن جو پنھنجو مقرر ڪيل وزير اعظم موجود ئي ڇو نہ ھجي. ان جو سڀ کان بُرو مثال پرويز مشرف ھو.
پارليماني نظام ۾ صدر کان اھا توقع ڪئي ويندي آھي تہ ھو سياسي وابستگي کان مٿي ٿي ڪري وفاق جي نمائندگي ڪري ۽ نامزد ٿيڻ کان بعد سياسي جماعتن کان استعفيٰ ڏئي ڇڏي. مثال جي طور تي صدر نامزد ٿيڻ کان بعد فاروق احمد خان لغاري پيپلز پارٽي جي رڪنيت تان استعفيٰ ڏئي ڇڏيو. ٻي طرف آصف علي زرداري صدر ھوندي بہ پيپلز پارٽي جو سربراھ بڻيو رھيو.