![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/5/59/Badakhshan_province_of_Afghanistan.jpg/640px-Badakhshan_province_of_Afghanistan.jpg&w=640&q=50)
بدخشان صوبو
افغانستان جو هڪ صوبو / From Wikipedia, the free encyclopedia
بدخشان صوبو يا ولايت بدخشان (Badakhshan Province) افغانستان جي 34 صوبن مان ھڪ صوبو آهي جيڪو ان جي اتر اوڀر واري آخري ڇيڙي تي واقع آھي. ان صوبي جون سرحدون تاجڪستان ۽ پاڪستان سان پڻ ملن ٿيون ان جي سرحد 91 ڪلوميٽرن تائين چين سان پڻ ملي ٿي. ھن صوبي جي معيشت جو وڏو ذريعو ڏوڏي جو فصل آهي جنھن مان آفيم جو پيداوار ٿئي ٿي. ھي صوبو تمام پسمانده آھي جتي تمام گھڻي غربت آھي. ھتي سنگ لاجورد (Lapis lazuli) جون کاڻون پڻ آھن جيڪو ھڪ قيمتي پٿر آهي.
ترت ڄاڻ بدخشان صوبو ولایت بدخشان, ملڪ ...
بدخشان صوبو ولایت بدخشان | |
---|---|
افغانستان جا صوبا | |
![]() بدخشان صوبي جا ضلعا | |
![]() افغانستان جي نقشي ۾ بدخشان نمايان ڏيکاريل | |
افغانستان جي نقشي ۾ بدخشان نمايان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ: 38°0′N 71°0′E | |
ملڪ | افغانستان |
گادي جو هنڌ | فيض آباد |
حڪومت | |
• گورنر | احمد فيصل بيگزاد |
پکيڙ[1] | |
• ڪل | 44,059 ڪ.م2 (17,011 ميل2) |
آبادي (2012) | |
• ڪل | 904,700 |
بند ڪريو
اهو هڪ وسيع تاريخي بدخشان علائقي جو حصو آهي، جنهن جا ڪجهه حصا هاڻي تاجڪستان ۽ چين ۾ به آهن. صوبي ۾ 22 ضلعا، 1200 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ لڳ ڀڳ 10,55,000 ماڻهو آهن.[2] فيض آباد صوبائي راڄڌاني طور ڪم ڪري ٿو. سال 2021ع ۾ افغانستان تي طالبان جي قبضي کان وٺي صوبي ۾ مزاحمتي سرگرميون رپورٽ ٿيون آهن.[3][4]