گوجرانوالا

From Wikipedia, the free encyclopedia

گوجرانوالاmap

گجرانوالا(انگريزي: 'Gujranwala)(پنجابي :گوجرانوالا) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو هڪ وڏو شهر ۽ ميٽروپولس آھي جيڪو اتر پنجاب ۾ لاھور جي ڀرسان واقع آهي. پکيڙ ۾ پاڪستان جو ستون ۽ آبادي جي لحاظ کان پنجون وڏو شھر آھي.18 صدي ۾ قائم ٿيل ھي شھر اتر پنجاب جي ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ ھڪ جديد ل شھر آھي. ھي شھر 1763 کان 1799 تائين سڪرچاڪيا مثل رياست جو گاديءَ جو هنڌ رھيو ۽ ھن ئي شھر ۾ سک ايمپائر جوي باني راجا رنجيت سنگھ جنم ورتو. ھي شھر ڪراچي ۽ فيصل آباد کان پوءِ پاڪستان جو ٽيون وڏو صنعتي مرڪز آھي ۽ قومي جي.ڊي. پي.۾ 5 پرسنٽ حصو ڏيندڙ شھر آھي.[3] سيالڪوٽ، گجرات ۽ گجرانوالا جي بيھڪ کي ملائي صنعتي لحاظ کان سونھري ٽڪنڊو سمجھيو ويندو آھي [4]

ترت ڄاڻ Gujranwala گجرانوالا, ملڪ ...
Gujranwala

گجرانوالا
شھر، ضلعي۽ ڊويزنل صدر مقام
Thumb
ThumbThumb
Thumb
ميونسپل ڪارپوريشن گجرانوالا
Municipal Corporation logo
Thumb
Gujranwala
Gujranwala
Thumb
Gujranwala
Gujranwala
پنجاب، پاڪستان
جاگرافي بيهڪ: 32°9′24″N 74°11′24″E
ملڪ  پاڪستان
صوبو سانچو:Country data پنجاب
ڊويزن گجرانوالا ڊويزن
ضلعو گجرانوالا ضلعو
تحصيل سٽي،صدر
خود اختيار ٽائون (Autonomous towns) 7
يونين ڪاؤنسلون 19
حڪومت [1]
  قسم ميونسپل ڪارپوريشن
  ميئر شيخ ثروت اڪرام
  ڊپٽي ميئر رانا مسعود
  ڊپٽي ميئر سلمان خالد بٽ
پکيڙ
  ڪل 3,198 ڪ.م2 (1,235 ميل2)
آبادي (پاڪستان جي مردم شماري 2017)[2]
  ڪل 2,238,243
بند ڪريو

شھر جو نالو

اتر پنجاب ۾ ھڪ خانہ بدوش ۽ مال چاريندڙ گجر قبيلو ڪثرت سان رھندو ھيو. گجرانوالا جو نالو ان قبيلي جي نالي تي پيو. ان جي معني آهي گجرن جو شھر [5][6] اھا بہ روايت آهي تہ شھر جو نالو ھڪ ماڻھو جي نالي تي پيو جنھن جو نالو چوڌري گجر ھيو جنھن کي پاڻي جا ٻہ نار(Persian wheel) ھئا جن ذريعي ھو شھر کي پاڻي مھيا ڪندو هو. ھڪ روايت ھيء بہ آهي تہ موجوده گجرانوالا جي ھڪ گيٽ باب خيالي واري جاء تي پھرين سرائي گجران نالي ھڪ ڳوٺ ھوندو ھو جيڪو پوء گجرانوالا ٿي ويو.

تاريخ

ھن شھر جي قائم ٿيڻ جي وقت جي باري۾ ڪا پڪي معلومات ڪانھي پر روايتن مان اندازو اھو بيھي ٿو تہ ھي شھر پنھنجي پسگردائيءَ وارن شھرن جھڙوڪ لاھور، سيالڪوٽ يا امين اباد وانگر قديم شھر ناھي بلڪہ ٻہ ٽي صديون اول قائم ٿيو. روايتن مطابق اتي پھرين ھڪ ننڍو ڳوٺ ھوندو ھو جيڪو شايد سورهين صديءَ جي وچين دؤر ۾ آباد ٿيو ھجي.[7] مقامي ماڻھن ۾ اھو خيال پڻ ملي ٿو تہ ھن شھر جو پراڻع نالو خانپور شانسي ھيو پر اسڪالرن جي خيال مطابق ھتي ڳوٺ سرائي گجران واقع ھيو جيڪو اڳتي ترقي ڪري گجرانوالا بڻيو

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.