گهوٽڪي

سنڌ جو مشھور شھر From Wikipedia, the free encyclopedia

گهوٽڪيmap

گھوٽڪي(انگريزي: Ghotki) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي گھوٽڪي جو ھڪ شھر جيڪو تعلقي گھوٽڪي جي صدر مقام ھجڻ سميت گھوٽڪي جي عدالتي ضلعي جو پڻ صدر مقام آهي. گھوٽڪي ضلعي جو انتظامي صدرمقام ميرپورماٿيلو ۾ آھي. گھوٽڪي شھر ضلعي جو سڀ کان وڏو شھر آھي. گھوٽڪي شھر قومي شاهراھ اين-5 ۽ ڪراچي- پشاور ريلوي لائن تي واقع آهي.

Thumb
گھوٽڪي جي ھڪ فلور مل
ترت ڄاڻ Ghotki, ملڪ ...
Ghotki
سنڌ جو شھر
گھوٽڪي
Thumb
گھوٽڪي شھر جي ھڪ جاء
Thumb
گھوٽڪي شھر جو بس اسٽينڊ
Thumb
Ghotki
Ghotki
Thumb
Ghotki
Ghotki
گھوٽڪي شھر جو بس اسٽينڊ
جاگرافي بيهڪ: Ghotki City 28.1°N 69.19°E / 28.1; 69.19
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو گھوٽڪي
بلندي 72 ميل (236 ft)
آبادي (2017)[1]
  ڪل 124,258
بند ڪريو

تاريخ

Thumb
گھوٽڪي جو ھڪ علامتي گيٽ جيڪو علي محمد مھر جي نالي سان منصوب ٿيل آهي

مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ:"گهوٽڪي: جنهن کي اڳي گهوٽہ چوندا هئا. سو سنه 1447ع ڌاري پير محسن شاھ ٻڌو. جنهن هڪڙي عاليشان مسجد به منجهس ٺهرائي. هي پيرن جو شهر آهي ۽ اڃا تائين انهي ۾ اهي رهندا آهن. قادر پور وارا پير اصل اچ جا هئا ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ اتي آيا ۽ جاگيرون ملين. پير گنج بخش شاھ مشهور آهي. انهيءَ جي ڏکڻ اڀرندي ڏي ماٿيلي جو ڦٽل شهر آهي. جو ساڍا ٽي ڪوھ اتان ٿيندو. اتي هڪڙو جهونو قلعو آهي، جو امر نالي هڪڙي راجپوت ٺهرايو هو. جنهن کي چوڏهن سئو ورهيه ٿيندا. ميرپور جو شهر انهيءَ قديم ماٿيلي جي تعلقي ۾ آهي. سو سنه 1739ع ڌاري مير مَسُو خان ٽالپر ٻڌو. اهو هاڻي ميرپور تعلقي جو وڏو شهر آهي. انهيءَ کي اڳي مهرڪا به چوندا هئا، جو اتي مهر ماڻهو رهندا هئا."[2]

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.