گريناڊا
ڪيريبيئن ۾ ملڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪيريبيئن ۾ ملڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
گريناڊا (انگريزي: Grenada) ويسٽ انڊيز جي ڪيريبئن سمنڊ ۾ گريناڊائيننز واري ڏاکڻي ٻيٽن جي لڙھ ۾ ھڪ خودمختيار رياست آھي. ملڪ گريناڊا ٻيٽ ۽ ان جي اتر م واقع ڇھ ننڍن ٻيٽن تي مشتمل آهي. ھي ملڪ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو جي اتر اولھ، وينزويلا جي اتر اوڀر سينٽ ونسينٽ اينڊ گريناڊائينز جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آهي. ان جي پکيڙ 348.5 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آبادي جولاء 2018 ۾ لڳ ڀڳ 112200 ھيس.[6] ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ سينٽ جارجز آھي.[7] ھن ملڪ کي جائفل ۽ جاوتري جائتري مصالحن جي وڏي پيماني تي پيداوار جي ڪري مصالحن جي سرزمين پڻ سڏيو ويندو آهي. اھو انھن مصالحن جو دنيا ۾ سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ پڻ آهي.[8] ملڪ جو قومي پکي گريناڊائي ڳيرو آھي جنھن جو نسل دنيا ۾ ناپيد ٿيڻ جي خطري ۾آهي.
گريناڊا | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"ھميشه خدا کي سڃاڻي اسان اتساھ پاتو، ھڪ ٿي ڪري ٺاھيون ۽ اڳتي وڌون پيا"__(Ever Conscious of God We Aspire, Build and Advance
as One Peop)"[1] | |||||
ترانو: گريناڊا زنده باد شاھي ترانو: خدا راڻي کي محفوظ رکي | |||||
ننڍڙي اينٽليز ۾ گريناڊا جو مقام | |||||
گادي جو هنڌ | سينٽ جارجز 12°03′N 61°45′W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | سينٽ جارجز | ||||
دفتري ٻوليون | |||||
تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | گرينيڊائي ڪريئول انگلش گرينيڊائي ڪريئول فرينچ | ||||
نسلي گروھ (2011[2]) |
| ||||
مقامي آبادي | گرينيڊيئن يا گرينيڊائي[3] | ||||
حڪومت | وحداني ٻہ جماعتي پارلياماني نظام آئيني بادشاهت ھيٺ | ||||
• شاھي سربراھ |
اليزبيٿ ٻين | ||||
• گورنر جنرل |
سسائل لا گرنيڊ (Cécile La Grenade ) | ||||
• وزيراعظم |
ڪيٿ مشيل | ||||
مقننه | پارليامينٽ | ||||
سينيٽ | |||||
ھائوس آف رپريزنٽيٽوز | |||||
قيام | |||||
• ايسوسيئيٽيڊ اسٽيٽ |
3 مارچ 1967 | ||||
• آزادييونائيٽيڊ ڪنگڊم کان |
7 فيبروري 1974 | ||||
• گريناڊا جي انقلابي حڪومت |
13 مارچ 1979 | ||||
• C آئين جي بحالي |
4 ڊسمبر 1984 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
348.5 km2 (134.6 sq mi) (185th) | ||||
• پاڻي (%) |
1.6 | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
107,317[4] (185th) | ||||
• گھاٽائي |
318.58 /km2 (825.1 /sq mi) (45th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.801 billion[5] | ||||
• في سيڪڙو |
$16,604[5] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.249 ارب يو ايس ڊالر |
يورپين جي آمد کان پھريان گريناڊا ۾ ھتان جا آرواڪ اصل رھاڪو آباد ھيا، ان بعد ھتي آئلينڊ ڪيريب پڻ اچي آباد ٿيا.[9] ڪرسٽوفر ڪولمبس ھن ٻيٽ کي پنھنجي آمريڪا ڏانهن ٽئين بحري سفر ۾ 1498 ۾ ڏٺو هو.[10] ھتان جا آئلينڊ ڪيريب نالي رھاڪو يورپين جي اچڻ تي سخت مزاحمت ڪري کين روڪيندا رھيا پوء بہ سڀ کان اول 1650 ۾ فرانس ھتي ڪالوني ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ھڪ سؤ سال کان مٿي اتي قابض رھيو. 10 فيبروري 1763 ۾ پيرس واري معاھدي تحت گريناڊا کي برطانيا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ پوء 1974 تائين ھتي برطانيا قابض رھيو. 1958 کان 1962 تائين گريناڊا ويسٽ انڊيز جي وفاق جو حصو رھيو جيڪا برطانوي بيٺڪن جو وفاق ھيو ۽ گھڻو وقت قائم رھي نہ سگھيو. 3 مارچ 1967 ۾ گريناڊ کي مڪمل داخلي آزادي ڏئي کيس ايسوسيئيٽيڊ رياست جو درجو ڏنو ويو. ملڪ کي ايرڪ گيئري جي اڳواڻي ۾ خودمختياري ڪامن ويلٿ ۾ رھندي 7 فيبروري 1974 ۾ ڏني وئي جيڪو ھن ملڪ جو پھريون وزيراعظم ٿيو ۽ رياست جي سربراھ ملڪہ ايلزبيٿ ٻين برقرار رھي.
ڪيراسو اينڊ پٽي مارٽنيڪ
سينٽ پئٽرڪ پئرش
سينٽ اينڊريو پئرش
سينٽ ڊيوڊ پئرش
سينٽ جارج پئرش
سينٽ جان پئرش
سينٽ مارڪ پئرش
|
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.