![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/5/59/KingEdwardUniversity.jpg/640px-KingEdwardUniversity.jpg&w=640&q=50)
ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي (اردو: کنگ ایڈورڈ میڈیکل یونیورسٹی) مختصر طور تي KEMU هڪ عوامي ميڊيڪل يونيورسٽي آهي جيڪا پاڪستان جی صوبی پنجاب جی شھر لاهور ۾ واقع آهي. اهو سال 1860ع ۾ برطانوي راڄ دوران لاهور ميڊيڪل اسڪول طور قائم ڪيو ويو ۽ بادشاهه ايڊورڊ ھفتم جی نالي پٺيان رکيو ويو.[1]
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/5/59/KingEdwardUniversity.jpg/640px-KingEdwardUniversity.jpg)
فائل:King Edward Medical University.png | |
چونڊيل چوڻي | Altapete |
---|---|
انگريزي ۾ چونڊيل چوڻي |
Aim high |
قسم | Public |
سرگرم | 1860 |
وائيس چانسلر | Mahmood Ayaz |
پتو | Lahore، Punjab، Pakistan |
ويب سائيٽ | https://kemu.edu.pk |
سال 1868ع ۾ ٽرينيٽي ڪاليج ڊبلن لاهور ميڊيڪل اسڪول جي شاگردن کي انگريزي اسڪولن جي شاگردن جي برابر امتياز عطا ڪيو. سال 1871ع ۾، يونيورسٽي موجوده انارڪلي ڊسپينسري کي بدلائي، ميو اسپتال کي الحاق واري اسپتال طور شامل ڪيو. ساڳئي سال ڪاليج جو پنجاب يونيورسٽي سان الحاق ٿيو، جڏهن ته 1887ع ۾ يونيورسٽي ليڊي ايچيسن اسپتال کي ٻي تدريسي اسپتال طور شامل ڪيو.[2]
پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ، يونيورسٽي صوبي ۾ واحد ميڊيڪل ڪاليج بڻجي وئي ۽ سال 2005ع ۾ پنهنجي ڊگريون ڏيڻ جو چارٽر بڻجي ويو. اهو تڏهن کان وڌي چڪو آهي، ۽ ليڊي ولنگڊن اسپتال سميت ستن ٽرشئيري ريفرل اسپتالن جي نگراني ڪري ٿو.[3]
يونيورسٽي جي شاندار تاريخ آهي ته عظيم ڊاڪٽر پيدا ڪيا جن نه رڳو پاڪستان پر آمريڪا، برطانيه ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي حصن ۾ پڻ خدمتون سر انجام ڏنيون آهن.