From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪلوروفليڪسي(انگريزي: Chloroflexi') بئڪٽيريا جو فائلم جو نالو آهي جنھن ۾ طرحين طرحين جون جنسون، نسل ء ڪلاس آھن جن ۾ ھوا ۽ گرمي ۾ رھندڙ شامل آھن جيڪي سخت گرمي ۾ آڪسيجن واپرائڻ سان وڌندا آهن جنھن ڪري کين آڪسيجن جا ڦوٽوٽراپ چوندا آهن جيڪي ڦوٽوسينٿيسس جي عمل لاءِ روشنيءَ جو استعمال ڪندا آهن. انھن مان ڪجهه قسم گرام نيگيٽو ۽ باقي گرام پازيٽو ھوندا آھن .[1] ھن بئڪٽيريا جي گروپ جو نالو برجي (Bergey) جي بيڪٽيريالاجي واري نظام جي مينيوئل ، جلد پھرين ۾ 2001 ۾ ايجاد ڪيو ويو. اھو نالو لاطيني ٻوليءَ جي لفظ ڪلوروفليڪسس(انگريزي: Chloroflexus) جو جمع آھي .[2] سال 1987 ۾ پروفيسر ڪارل ووز کي مالڪيوليائي نسلن جي گروھ بندين جي انقلاب جو روح روان سمجھيو ويندو آھي جنھن يوبئڪٽيريا کي يارھن حصن ۾ تقسيم ڪيو ۽ جنسن جي گروھ بندي ڪندي ڪلوروفليڪسس، ھرپيٽوسائفن ۽ ٿرمو مايڪروبيم کي سائي گندرف کان پاڪ بئڪٽيريا ۽ ان جي رشتيدارن جي گروپ ۾ رکيو.[3][4] جنھن کي عارضي طور تي ڪلورو فليڪسي نالو ڏنو ويو. 2001 کان پوءِ نيون جنسون دريافت ٿيڻ سان ڪجهه نوان درجا ٺاھيا ويا ۽ ھاڻي فائلم ڪلوروفليڪسي ٻن حصن ۾ ورھايل آھي.
ڪلوروفليڪسي | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
Domain: | بئڪٽيريا |
(unranked): | ٽيرا بئڪٽيريا |
تقسم: | ڪلوروفليڪسي (گئرٽي ۽ ھالٽ 2002) ھگنھولٽز ۽ اسٽيڪبرئنڊٽ 2004 |
درجا | |
| |
هم معنيٰ | |
1992
اورين et al. 2015
|
Gupta et al. 2012
Hugenholtz & Stackebrandt, 2004
Yamada et al., 2006
Yamada et al., 2006
Cavaletti et al., 2007 emend. Yabe et al., 2010</smal> [5]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.