ڪائونٽي
From Wikipedia, the free encyclopedia
'ڪائونٽي(انگريزي: county) ڪجهه ملڪن اندر انتظامي يا ٻين مقصدن خاطر ھڪ جاگرافيائي علائقو آهي.[1] لفظ ڪائونٽي پراڻي فرينچ ٻوليءَ جي لفظ ڪونٽي (conté يا cunté) مان نڪتل آهي جنھن جو مطلب اھڙو علائقو آهي جيڪو ڪائونٽ (Count) يا ارل (Earl) يا وسڪائونٽ (Viscount) جي اختيار ۾ ھجي.[2] جڏھن نارمن ماڻھن انگلينڊ فتح ڪيو تہ اھو لفظ انھن انگلينڊ ۾ آندو. سيڪسن نسل جي ماڻھن اڳواٽ انگلينڊ ۾ ضلعا ٺاهي چڪا ھيا جيڪي نارمن فاتحن جي اچڻ بعد تاريخي ڪائونٽيون ٿي ويون جن کي شائر جو نالو شامل ڪري سڏڻ لڳا.[3] ڪافي ڪائونٽين تي شھرن جا نالا پيا جن ۾ شائر لفظ جو اضافو ڪيو ويو جيئن گلؤسيسٽر شھر مان گلؤسيسٽر شائر (ڪائونٽي) ، وارسيسٽر مان وارسيسٽر شائر (ڪائونٽي) وغيره.[4] شائر ۾ ايندڙ علائقو بادشاھت جي ورھاست لاءِ استعمال ٿيندو ھيو. اڳتي وفاق جي يونٽن جي ذيلي انتظامي ورھاست لاء بہ علائقا ٺاهڻ جي ضرورت پيدا ٿي. اھڙي طرح ڪائونٽيون ٺھنديون ويون. آمريڪا ۽ جرمني ۾ به ذيلي انتظامي ورھاست ڪائونٽين ذريعي ٿيل آهي .[5] ڪائونٽيون وري ضلعن ۾ ورھايل ھونديون آھن. انگلينڊ م ضلعن کي بورا (Borough) پڻ چون ٿا. ضلعن ۾ وري ننڍا وڏا شھر، سول ٽائون شپ، ٻيا انتظامي علائقا ۽ ڳوٺ ھوندا آھن.