ڍڳو:ڏاند(انگريزي: Bull يا Ox) ڳائي مال جو نر جانور آھي. ڏاند (Ox) کسي ٿيل نر کي چوندا آھن، جي کسي ناھي تہ ان کي ڍڳو (Bull) چوندا آھن. سندس مادي کي ڳئون يا ڍڳي چوندا آهن.اھو مادي کان بت ۾ وڏو ۽ طاقتور ھوندو آھي. اھو ۽ ڳئون مختلف تھذيبن ۾ ھڪ اھم حيثيت رکندا آيا آهن [1] اتر آمريڪا ۾ ان کي بلڪ bullock چوندا آهن. جوان ڍڳي کي گابو ("bull calf") چوندا آهن.آسٽريليا ۾ جھنگلي ڍڳي کي مڪي (micky) چوندا آهن.[2][3] In some countries an نامڪمل کسي ڌڳي کي انگريزي ۾ رگ (rig) يا رگلنگ (ridgling) چئبو آهي

Thumb
اسڪاٽ لينڊ جو ڍڳو
Thumb
چيرولس(Charolais)ڏاند

پوري جوان ڏاند يا ڍڳي جي پٺي تي ٿوھو بہ ھوندو آھي [4] ھڪ جوان ڏاند جو وزن 2000 پائونڊ تائين بہ ٿي سگھي ٿو.ڏاند جي مٿي تي وڏا سڱ بہ ھوندا آھن [5] سڱن ھجڻ يا نہ ھجڻ جو مدار نر ۽ مادي تي نہ ھوندو آھي بلڪہ نسل تي ھوندو آھي.

Thumb
ڍڳي جو توليدي نظام

ڍڳو ستن مھينن جي عمر ۾ بالغ ٿي ويندو آهي. ان جي بلوغت انھن جي آنورن جي سائيز تي مدار رکندي آهي. جيڪڏهن ان جي ھڪ آنوري (scrotum) جي گولائي 28 سينٽي ميٽر آھي تہ اھو جوان ڌڳو سڏبو جنھن جي بلوغت جي شروعات ٿي چڪي آهي . جيڪڏهن گولائي 40 سينٽي ميٽرن کان مٿي آھي تہ اھو مڪمل بالغ سڏي سگھجي ٿو [6][7] ڍڳي جو لڳ وارو عضوو فائبرو الاسٽڪ (fibro-elastic)ھوندو آھي. ان ۾ ٺڳڻ وارا ٽشو گھٽ ھجڻ جي ڪري ان جي ٺڳڻ بعد سائيز ننڍي ٿيندي آهي. جڏھن سسيل ھوندو آھي تہ بہ ان ۾ سختي ھوندي آهي ٺڳڻ بعد تمام سخت ٿيندو آهي .[8]

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.