ڊاڪيومينٽا
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڊاڪيومينٽا(انگريزي: Documenta ) جرمني جي ڪاسل ۾ واقع فيڊريسيانم ميوزيم ۾ ھمعصر فن جي نمائش جو نالو آهي جيڪا ھر پنجين سال ان جاء تي منعقد ٿيندي آھي.ان جي شروعات ھڪ فنڪار، استاد ۽ ڪيوريٽر ارنالڊ بوڊ 1955 ۾ وفاقي باغباني جي تقريب ۾ ڪئي جيڪا ڪاسل ۾ منعقد ٿي ھئي.[1] ان جو مقصد جرمني ۾ جديد فن کي فروغ ڏيارڻ ھو. [2] پھرين ڊاڪيومينٽا کوڙ فنڪارن کي سامھون آندو جيڪي عام طور تي جديد آرٽ تي اھم اثر وجھندڙ ھيا جن ۾ پڪاسو، ويزلي، ڪينڊينسڪي شامل ھيا. ھر ڊاڪيومينٽا 100 ڏينھن جي نمائش تائين محدود آھي ان جي ڪري ان کي ھڪ سؤ ڏينھن جو ميوزيم سڏيندا آهن.[3] ڊاڪيومينٽا وڪري واري نمائش ناھي.