From Wikipedia, the free encyclopedia
جمھوريہ پيرو (انگريزي: Peru )؛ i/pəˈruː/)؛ [5] ڏکڻ آمريڪا جي اولھه ۾ واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي جنھن جي اتر ۾ ايڪواڊور ۽ ڪولمبيا، اوڀر ۾ برازيل، ڏکڻ-اوڀر ۾ بوليويا، ڏکڻ ۾ چلي ۽ اولھه ۾ پئسيفڪ سمنڊ آھي. ھي ھڪ ڪثير نسلي ملڪ آھي جنھن ۾ اولھندي پيسيفڪ ساحلي علائقن جي بنجر ميدانن کان ويندي اتر کان ڏکڻ اوڀر تائين اينڊيس جبلن جي قطارن ۽ اوڀر ۾ ايمازون درياهه جي برساتي ٻيلن واري ايمازون طاس ۾ جاندارن جون ڪيتريون ئي جنسون رھندڙ آھن.[6]
جھموريہ پيرو República del Perú (اسپيني) Co-official names[lower-alpha 1]
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: "Himno Nacional de Perú" (اسپيني) "National Anthem of Peru"
| |||||
گادي جو هنڌ | ليما 12°2.6′S 77°1.7′W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ليما | ||||
سرڪاري ٻولي | اسپيني | ||||
ٻيون سرڪاري ٻوليون[lower-alpha 1] |
| ||||
نسلي گروھ ( پيرو جي مردم شماري، 2017 [lower-alpha 2]) | نسلي گروھن جا نالا
| ||||
مذهب (2017 جي مردم شماري) | پيرو جي ماڻهن جا مذھب
| ||||
مقامي آبادي | پيروويئن | ||||
حڪومت | وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ[1][2] | ||||
• صدر |
مارٽن وزڪارا | ||||
• نائب صدر |
مرسيڊيز ارائوز | ||||
• وزير اعظم |
سيلويڊور ڊيل سولر | ||||
مقننه | ڪانگريس | ||||
آزادي اسپين کان آزادي ملي | |||||
• اعلان |
28 جولاءِ 1821 | ||||
• اواڪوچو واري جنگ |
9 ڊسمبر 1824 | ||||
• تسليم ڪيو ويو |
14 آگسٽ 1879 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
1٬285٬216 km2 (496٬225 sq mi) (19th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.41 | ||||
آبادي | |||||
• 2019 اندازو |
32,495,510[3] (43rd) | ||||
• 2017 مردم شماري |
31,237,385 | ||||
• گھاٽائي |
23 /km2 (59.6 /sq mi) (198th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$487.417 ارب ڊالر [4] (36th) | ||||
• في سيڪڙو |
$14,252[4] (85th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$239.218 ارب ڊالر (41nd) |
ڪرسٽوفر ڪولمبس جي آمد کان اڳ وارو پيرو کوڙ قديم تهذيبن جو گھر ھيو جن ۾ 3200 ق.م. واري سڀ کان قديم نارٽي چيڪو تھذيب (آمريڪا جي پنجن قديم ترين تھذيبن مان ھڪ) کان وٺي ڪولمبس جي آمد کان اڳ آمريڪا جي سڀ کان وڏي انڪا ايمپائر (انگريزي: Inca Empire) تائين واريون تھذيبون شامل آهن.
سورھين صدي عيسوي ۾ اسپين جي ايمپائر ھن خطي تي قبضو ڪري پيرو جي وائسرائلٽي قائم ڪئي جنھن جو صدر مقام ليما ۾ رکيو جنھن ۾ اسپين جي ڏکڻ آمريڪا وارين ڪالونين جو وڏو حصو شامل ھيو. پيرو 1821ع ۾ اسپيني ارجنٽينا واري جنرل جوز ڊي سان مارٽن ۽ وينزويلائي اڳواڻ سائمن بوليوار جي فوجي مھمن ۽ اواڪوچو واري جنگ جي نتيجي ۾ باقاعده اسپين کان خود مختيار ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنھن بعد پيرو 1824ع ۾ آزاد ٿيو. پيرو ھڪ نمائندگي واري جمھوري ريپبلڪ رياست آھي جنھن جا 25 انتظامي صوبا آھن ۽ معاشي لحاظ کان ان جو شمار اڀرندڙ مارڪيٽن ۾ ٿئي ٿو.[7] جنھن جي انساني ترقي جو اشاريو اوچو آهي ۽ وچولي آمدني جي مٿين سطح ۾ شمار ٿيندڙ آھي جنھن ۾ غربت جي شرح 19 سيڪڙو آهي.[8] پيرو جي معيشت خطي اندر سڀ کان وڌيڪ خوشحالي واري آھي جنھن جي سراسري واڌ جي شرح 5.9 سيڪڙو آهي ۽ ان جي صنعتي معيشت جي ترقي خطي ۾ سڀ کان تيز آھي جنھن جي شرح 9.6 سيڪڙو آهي.[9] ان جي وڏين معاشي سرگرمين ۾ کاڻون، صنعتي پيداوار، زراعت ۽ مڇي جو شڪار سان گڏوگڏ ٽيليڪميونيڪيشن ۽ بائيو ٽيڪنالاجي آهي.[10]
پيرو ايشيا پيسيفڪ ايڪانامڪ ڪوآپريشن، پيسيفڪ الائنس، ٽرانس پيسيفڪ پارٽنرشپ ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جو سرگرم رڪن آھي ۽ ان جو شمار وچولي طاقتن ۾ ٿئي ٿو.[11] ھن ملڪ جي آبادي 3,20,00,000 جي لڳ ڀڳ آهي جنھن ۾ ھتان جا اصل رهاڪو، يورپي گورا، آفريڪي ڪارا، ايشيائي ماڻھو شامل آهن. ھن ملڪ جي سڀ کان وڌيڪَ ڳالهائجندڙ ٻولي اسپيني آھي ۽ ٻئي نمبر تي ڪئيچوئائي آھي.
پيرو جي ڪل پکيڙ 1284640 چورس ڪلوميٽر (495871 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 71 لک 36 هزار آهي. پيرو جي گاديءَ جو هنڌ ليما (Lima) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ هواسڪاران (بلندي: 6768 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي، جڏهن ته ڪوئچوا ۽ آئمارا ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. هتي جي موسم خشڪ آهي ۽ مختلف علائقن جي آبهوا مختلف آهي.
پيرو جي مکيه زرعي پيداوار ۾ پٽاٽا، ڪيلو، مڪئي، جَوَ، ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪافي، ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن ۽ مکيه صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل، فوڊ پروسيسنگ، هينڊي ڪرافٽ، لوهه، پيٽروليم، ريفائنري، سيمينٽ، چمڙي جون شيون، پلاسٽڪ، ڪيميائي شيون ۽ گاڏيون اچي وڃن ٿيون.[12]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.