From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪستان جي ریاستي علامت (انگريزي: state emblem of Pakistan) جو اتخاذ 1956ع ۾ ڪيو ويو هو. هي علامت پاڪستان جو نظرياتي اساسو، ان جي معيشت جو بنياد، ان جو ثقافتي ورثو ۽ ان جي رهنما اصولن جو عڪس آهي. هن علامت ۾ هڪ ڍال جي مٿان چنڊ تاري جو نشان ٺهيل آهي، جنهن جي چوڌاري گلن جو حلقو آهي. هن حلقي جي هيٺان هڪ صحيفو ٺهيل آهي ، جنهن تي پاڪستان جو قومي اصول لکيل آهي. چنڊ تاري ۽ حلقي ۾ موجود سائو رنگ اسلام جو روايتي نشان آهي. حلقي ۾ موجود ڍال چار برابر حصن ۾ ورهايل آهي ، جنهن جي مٿين حصي ۾ سڄي پاسي چانھ ۽ کٻي پاسي ڪپھ؛ جڏهن تہ هيٺين حصي ۾ سڄي پاسي ڪڻڪ ۽ کاٻي پاسي جوٽ ڏيکاريو ويو آهي. آزادي جي وقت، هي پاڪستان جا اهم فصل هيا ۽ انهن کي ڍال تي ظاهر ڪرڻ جو مقصد پاڪستان جي زرعي معيشت جي عڪاسي ڪرڻ هيو. هيٺ موجود صحيفو، قائد اعظم جي اصولن ، ”ايمان، اتحاد، نظم“، جو پيغام آهي، جن کي پاڪستان جي رهنما اصولن مان هڪ ڳڻيو ويندو آهي. ڍال جي چوڌاري جو حلقو پاڪستان جي قومي گل ياسيمين سان ٺھيل آهي.
پاڪستان جو رياستي نشان | |
---|---|
نشان جو حقدار | اسلامي جمھوريہ پاڪستان |
اختيار ڪيو ويو | 1954[1] |
Crest | سائي رنگ جو ھلال ۽ ان ۾ تارو |
چٽسالي ھٿيار | چئن سبز خانن مان ھڪ ۾ ڪپھ جو گل، ٻئي ۾ چانھن جو ٻوٽو ڏانڊي سميت، ٽئين ۾ ڪڻڪ جو سنگ ۽ چوٿين ۾ سڻي جو ٻوٽو بغير ڏانڊي جي |
Supporters | ٻہ گل ياسمين جون سائي رنگ جون ٽاريون ونگ جي شڪل ۾ ڏيکاريل |
حصو | سبز ربن پٽي ۾ چاندي جي رنگ سان اردو ۾ پاڪستاني شعار: "ايمان، اتحاد، نظم" لکيل |
چوڻي | ایمان، اتحاد، نظم |
پاڪستان جو رياستي نشان پھريون ڀيرو 1954ع ۾ قومي نشان طور اختيار ڪيو ويو جيڪو پاڪستان جي نظرياتي بنياد، طرز معيشت، ثقافتي ورثي ۽ رھنما اصولن کي ظاھر ڪري ٿو[2].
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.