سياسي عهدو From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪستان جو نگران وزير اعظم (انگريزي: Caretaker Prime Minister) پاڪستان جي حڪومت جو اڳواڻ هوندو آهي، جڏهن قومي اسيمبلي ٽٽي وڃي. هن عهدي جو مطلب آهي ته جيئن چونڊون صاف و شفاف ممڪن بڻائي سگھجن.[1] موجوده نگران وزيراعظم چيف جسٽس ناصر الملڪ آهي، جنهن 1 جون 2018ع تي قومي اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ عهدو سنڀاليو آهي.[2]
نگران وزير اعظم اسلامي جمهوريه پاڪستان | |
---|---|
پاڪستان جي وزيراعظم جو جهنڊو | |
تعظيمي لقبَ | جناب اعليٰ (سفارتي) وزير اعظم (غير رسمي) محترم وزير اعظم (رسمي) |
رهائش |
|
مقرر ڪندڙ | صدرِ پاڪستان وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ؛ جيڪڏهن اتفاق نه ٿي ته اي سي پي ڪنهن کي به مقرر ڪري سگھي ٿو. |
عھدي جي مدت | ٽي مهينا |
شروعات | غلام مصطفيٰ خان جتوئي (1990) |
تشڪيل | 6 آگسٽ 1990 |
ويب سائيٽ | www.pmo.gov.pk/ |
قومي اسيمبلي پنهنجو مدو پورو ڪري يا ان کان اڳ ٽوڙي وڃي، ته صدرِ پاڪستان نگران حڪومت مقرر ڪندو آهي، پر ان ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو راضپو لازمي هوندو آهي، جيڪي متفق ٿين ته ڪنهن کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو وڃي. جيڪڏهن وزير اعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ اتفاق نه ٿي سگھي ته، صدر آزاد هوندو آهي ۽ ڪنهن کي به نگران وزيراعظم مقرر ڪري سگھي ٿو، اڪثر اهو مرحلو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي صلاح سان ڪيو ويندو آهي.[3]
No. | تصوير | نالو (ڄم–وفات) |
عهدو سنڀاليائين | عهدو ڇڏيائين | مدو | چونڊون | سياسي وابستگي (اتحاد) |
تشريح | |
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
پهريون نگران | غلام مصطفيٰ خان جتوئي[4] (1931–2009) |
6 آگسٽ 1990 | 6 نومبر 1990 | 3 مهينا, | — | نشنل پيپلز پارٽي | جتوئي کي پاڪستان جي صدر غلام اسحاق خان نگران وزير اعظم مقرر ڪيو.[5] | ||
ٻيو نگران | بلغ شير مزاري[5] (1928–) |
18 اپريل 1993 | 26 مئي 1993 | 1 مهينو, 8 ڏينهن, |
— | پاڪستان پيپلز پارٽي | صدر غلام اسحاق خان مزاري کي نگران وزير اعظم مقرر ڪيو، مزاري جو مدو ان وقت پورو ٿيو جڏهن سپريم ڪورٽ صداري حڪمنامي کي رد ڪري نواز شريف جي حڪومت کي بحال ڪيو..[5] | ||
ٽيون نگران | محي الدين احمد قريشي[5] (1930–2016) |
18 جولاءِ 1993 | 19 آڪٽوبر 1993 | 3 مهينا, 1 ڏينهن, |
— | آزاد | نواز شريف پاران 1993ع ۾ استيفعا کان پوءِ، قريشي کي پاڪستان جو نگران وزير اعظم مقرر ڪيو ويو. | ||
ڇوٿون نگران | ملڪ ميراج خالد[6] (1916–2003) |
5 نومبر 1996 | 17 فيبروري 1997 | 3 مهينا, 12 ڏينهن, |
— | آزاد | ميراج خالد کي نومبر 1996ع ۾ ان وقت نگران وزير اعظم مقرر ڪيو ويو جڏهن بينظير ڀٽو جي ختم ڪئي وئي.[5] | ||
پنجون نگران | محمد ميان سومرو[7] (1950–) |
16 نومبر 2007 | 24 مارچ 2008 | 4 مهينا, 8 ڏينهن, |
— | پاڪستان مسلم ليگ (ق) | سومرو نومبر 2007ع ۾ نگران وزير اعظم جي عهدي تي فائز ٿيو.[7] | ||
ڇهون نگران | مير هزار خان کوسو[8] (1929–) |
25 مارچ 2013 | 5 جون 2013 | 2 مهينا, 11 ڏينهن, |
— | آزاد | کوسو کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 24 مارچ تي مقرر ڪيو.,[9] and took oath on 25 March 2013.[10] | ||
ستون نگران[11] | ناصر الملڪ (1950–) |
1 جون 2018 | 17 آگسٽ 2018 | 2 مهينا, 16 ڏينهن, |
— | آزاد | ناصر الملڪ کي پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه 28 مئي 2018ع تي مقرر ڪيو.[12] |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.