ٽوڪيو
From Wikipedia, the free encyclopedia
ٽوڪيو (انگريزي: Tokyo) جاپان جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي[5]. ھونشو ٻيٽ (Honshu Island) تي آباد ھي شھر جاپان جي معيشيت ۽ سياست جو وڏو مرڪز آھي. جاپان جي بادشاھ جو محل ۽ مرڪزي حڪومت جون آفيسون ھن ئي شھر ۾ موجود آھن. 2021ع جي انگن اکرن موجب ھن شھر جي آبادي اٽڪل 14.04 ملين آھي[6].
ٽوڪيو 東京都 | |||
---|---|---|---|
ميٽروپولس | |||
ٽوڪيو شھر | |||
ٽا ور؛ گهڙيال جي ڪانٽن واري رخ ۾: نشي شنجوڪو ۽ فيوجي جبل: ٽوڪيو ٽاور؛ نيشنل ڊائيٽ بلڊنگه؛ ٽوڪيو اسٽيشن؛ ٽوڪيو امپيريل پيليس؛ شبويا ڪراسنگ؛ ٽوڪيو اسڪاءِ ٽري؛ رينبو برج | |||
| |||
ترانو: "Tokyo Metropolitan Song" (東京都歌, Tōkyō-to Ka) | |||
جاپان ۾ بيھڪ | |||
جاگرافي بيهڪ: 35°41′23″N 139°41′32″E | |||
ملڪ | جاپان | ||
علائقو | ڪانتو | ||
ٻيٽ | ھونشو | ||
گاديءَ جو ھنڌ | ٽوڪيو[1] | ||
ڊويزنون | 23 اسپيشل وارڊ، 26 شھر ۽ 4 ننڍيون وسنديون | ||
حڪومت | |||
• مجلس | ٽوڪيو ميٽروپوليٽن حڪومت | ||
• گورنر | Yuriko Koike (TF) | ||
• نمائندہ | 42 | ||
• ڪائونسلر | 11 | ||
پکيڙ[2] | |||
• ڪل | 2,194.07 ڪ.م2 (847.14 ميل2) | ||
پکيڙ ۾ درجو | 45ھون نمبر | ||
بلند ترین پیمائش[3] | 2,017 ميل (6,617 ft) | ||
گھٽ ترین پیمائش | 0 ميل (0 ft) | ||
آبادي (2021)[4] | |||
• ڪل | 14,043,239 |
تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا تہ پتو پوندو تہ ٽوڪيو واري علائقي ۾ مھاڻن جو ھڪ ڳوٺ آباد ھو جتي ھو مڇيون پڪڙيندا ھئا. ڳوٺ جو نالو ايدو (ِEdo) ھو. 1603ع ۾ ان وقت جي فوجي حڪومت ھن ماڳ کي پنھنجي حڪومت جو مرڪز بنايو جنھن سبب ھتي جي آباديءَ ۾ واڌارو آيو ۽ ھن ڳوٺ شھر جو روپ اختيار ڪري ورتو. ارڙھين صديءَ جي وچ تائين ھي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شھر بنجي ويو ۽ ھن جي آبادي ڏھن لکن تائين پھچي وئي. 1868ع ۾ ھن شھر کي جاپان جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو ۽ شھر جو نالو ايدو مان بدلائي ٽوڪيو رکيو ويو. 1923ع ۾ ھڪ خطرناڪ زلزلو آيو جنھن ھن شھر کي تمام گھڻو نقصان پھچايو. ٻي عالگير جنگ ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي بمباري بہ ھن شھر جي برباديءَ جو سبب بني. 1950ع واري ڏھاڪي ۾ ھن شھر جي ٻيھر آبادڪاريءَ جو ڪم شروع ٿيو ۽ ھن شھر جون رونقون موٽي آيون، جنھن سبب شھر جي آباديءَ ۽ پکيڙ ۾ خاطر خواھ واڌارو آيو. ھن وقت ٽوڪيو جو شمار دنيا جي اميرترين شھرن ۾ ٿئي ٿو. 2020ع ۾ ھن شھر کي دنيا جو چوٿون وڏو مالدار شھر قرار ڏنو ويو. ھن شھر ۾ دنيا جو سڀ کان اوچو ٽاور تعمير ڪيو ويو آھي جنھن کي ”ٽوڪيو اسڪاءِ ٽري (Tokyo Skytree) ڪوٺيو وڃي ٿو.
ھن شھر ۾ 1964ع ۽ 2020ع واريون اولمپڪ رانديون منعقد ٿيون. شھر ۾ تيز رفتار ريل گاڏين جو ھڪ وڏو نيٽ ورڪ قائم ٿيل آھي ۽ ھتان جي شنجوڪو (Shinjuku) ريلوي اسٽيشن دنيا جي سڀ کان مصروف ريلوي اسٽيشن آھي.