ٻاجهر
From Wikipedia, the free encyclopedia
ٻاجهر (اردو: باجره؛ (انگريزي ٻولي: Millet) يا ٻاجهري اناج يا پوک جو هڪ قسم، جنهن جو فصل اونهاري جي مند ۾ لهندو آهي. ٻاجهر ڪتيءَ جو مکيه فصل آهي. ٻاجهر جو ٻوٽو ڇهن فوٽن کان وٺي ڏهن فوٽن تائين اوچو ٿيندو آهي ۽ هر ٻوٽي مان ڪيترائي سنگ ڦٽن ٿا. ٻاجهر جا سنگ مضبوط ۽ سڌا ٿيندا آهن. سنڌ ۾ هر هنڌ هيءُ فصل ٿئي ٿو. ٻاجهري جي فصل لاءِ گرم ۽ گهميل هوا گهرجي. جيئن ته هيءَ پوک ٿوري پاڻيءَ تي ٿيندي آهي. سنڌ ۾ هيءُ فصل ڪوهستان ۽ ٿر جي علائقن ۾ عام طرح باراني ۾ ٿيندو آهي. ٻاجهر جو اناج ۽ گاهه جانورن جي چاري طور به استعمال ٿيندو آهي. گهوڙا خاص ڪري ٻاجهر جو داڻو کائيندا آهن. ٻاجهري داڻي ۽ رنگ جي لحاظ کان ٻن قسمن جي ٿئي ٿي: هڪڙي ننڍن داڻن واري، جنهن کي ”ٻاجهري“ چون ۽ ٻي وڏن داڻن واري، جنهن کي ”ٻاجهر“ چون. پيداوار جي لحاظ سان وڏي داڻي واري ”ٻاجهر“ فائديمند آهي.[1]