وڍ (انگريزي: Wadh)پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي خضدار جو ھڪ شھر ۽ ساڳي نالي جي تحصيل جو صدر مقام آهي. 1998 ۾ ھن شھر جي آبادي 98950 ھئي.[1] ھتي جي آبادي جو وڏو حصو مينگل ذات جي ماڻهن سان تعلق رکندڙ آهي، جن جي ٻولي بروھي آھي وڌ پھرين مارچ 1974 تائين جھالاوان رياست جو حصو ھيو پوءِ کيس خضدار ضلعي جي تحصيل بڻايو ويو.

جاگرافي

وڌ قلات ۽ سنڌ جي جابلو علائقي جي وچ ۾ واقع آهي[2] ھتان جي آبهوا نيم خشڪ آھي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ھتي ٻوڏ بہ ايندي آهي[3] ھتي اونھارو ڏاڍو گرم ۽ سيارو ٿورو ٿڌو ٿيندو آهي.ماڻھن جي معيشت زراعت ۽ چوپائي مال جي پالنا آهي. ھتي برينائٽ، ڪرمائيٽ، ميگنيز ۽ ميگنائيٽ جا ذخيرا آھن[4]

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.