From Wikipedia, the free encyclopedia
خضدار ضلعو (انگريزي: Khuzdar District ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڏاکڻي حصي ۾ قلات ڊويزن جو ھڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام خضدار شھر آھي. خضدار ضلعي جي اتر م شھيد سڪندر آباد ضلعو، اولھ م خاران ضلعو ۽ آواران ضلعو، اوڀر ۾ جھل مگسي ضلعو ۽ سنڌ جو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو، ۽ دادو ضلعو ۽ ڏکڻ ۾ لسٻيلو ضلعو واقع آهن. ھن شھر ۾ ڪوئٽه کان پوءِ بلوچستان جي ٻين وڏي فوجي ڇانوڻي آھي. ھتي خضدار شھر ٻاھران ھڪ يونيورسٽي پڻ واقع آهي جنھن جو نالو بلوچستان يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خضدار آهي[3]. ان جي ڀرسان ايئرپورٽ پڻ واقع آهي.
خضدار ضلعو | |
---|---|
بلوچستان جو ضلعو | |
Khuzdar District | |
خضدار ضلعو نقشي ۾ نمايان ڏيکاريل | |
پاڪستان ۽ بلوچستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°46′49″N 66°48′22″E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | بلوچستان |
ڊويزن | قلات ڊويزن |
قيام | 1974 11 نومبر 1992[1] |
صدر مقام | خضدار شھر |
حڪومت | |
• قومي اسيمبلي جو رڪن | ڄام ڪمال خان (تڪ: اين اي 270) |
• تحصيلون | 4 |
• تحصيلن جا نالا | |
پکيڙ | |
• ڪل | 35,380 ڪ.م2 (13,660 ميل2) |
آبادي (2017)[2] | |
• ڪل | 8,02,207 |
عربن جي دؤر ۾ خضدار توران جي رياست ۾ ھو ۽ خضدار ان جو گاديءَ جو هنڌ رھيو. بعد م خضدار قلات رياست جو حصو ٿي ويو. 1869 ۾ خان آف قلات ۽ جھالاوان وارن جي وچ م جنگ لڳي جيڪا خان آف قلات کٽي جنھن بعد مير خداداد خان خضدار م ھڪ قلعو تعمير ڪرايو. شھر کان ٻاھر ٿوري فاصلي تي عربن جي دؤر ۾ تعمير ٿيل قلعي جا آثار پڻ موجود آهن. خضدار پھرين قلات جي سب ڊويزن ھيو. ذولفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ پھرين مارچ 1974ع تي ان کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو.
2021 ۾ خضدار ضلعي ۾ 3 تحصيلون آھن جن ۾ شامل آهن:
ان کان سواءِ ھن ضلعي م 6 سب تحصيلون آھن جن م شامل آهن:
ھي ضلعو 1732 ميٽرن جي بلندي تي واقع آهي. 2005 ۾ ھن ضلعي م ھيٺيون 34 يونين ڪاؤنسلون ھيون:
# | يونين ڪاؤنسل | # | يونين ڪائونسل | # | يونين ڪاؤنسل |
---|---|---|---|---|---|
1 | سون چاڪو | 2 | باغبانا | 3 | بالينا کٽان |
4 | فيض آباد | 5 | فيروزآباد | 6 | گازگي |
7 | کنڊ | 8 | پارڪو | 9 | ساسول |
10 | توتاڪ | 11 | ذِيدِي | 12 | زيرينا کٽان |
13 | مُولا | 14 | آباد ڪرک | 15 | کارزان نال |
16 | درنائلي | 17 | گوني گريشا | 18 | ھزار گنجي |
19 | ڪِلي عالم خان | 20 | ڪوچو | 21 | نال |
22 | اورناچ | 23 | سر رائيج | 24 | ارينجي |
25 | بدري | 26 | لوپ | 27 | پيسي ڪپر |
28 | سرونا | 29 | شاھ نوراني | 30 | وڍ |
31 | وھير | 32 | نورگاما زھري | 33 | چشما |
34 | گھاٽ | - | - | - | - |
ھتان جي 99 سيڪڙو آبادي مسلمانن جي آهي. ھتان جي ڪل آبادي 2017 جي آدمشماري مطابق 8,02,207 آھي. جڏهن ته 1998 جي آدمشماري مطابق آبادي 417000 ھئي. ضلعي جي آبادي ۾ وڏا قبيلا بزنجو، ماردوئي جتڪ، حسني، سياپد، نوشيرواني، موسياڻي، زھري، مينگل، زرڪزئي، احمدزئي، ريڪيزئي، ساسولي ۽ ڪرد آھن. 1981 جي آدمشماري مطابق ضلعي جي آبادي جو 82 سيڪڙو بروھي ٻولي ڳالھائيندڙ ماڻھن جو ۽ 13 سيڪڙو بلوچي ٻولي ڳالهائيندڙن جو ھو پر 1998ع جي آدمشماري م ھتان جي آبادي جي 96.7 سيڪڙو ماڻھن پاڻ کي بلوچي ٻولي ڳالهائيندڙن ۾ ظاھر ڪيو.
پاڪستان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن رينڪنگ 2017 جي مطابق تعليم ۾ 141 ضلعن م خضدار ضلعو 122 نمبر تي ھيو. 2014 ۽ 2015 واري تعليمي سال م ھن ضلعي جي ڏھن ۽ ان کان مٿي واري عمر وارن م لکيل پڙهيل ماڻھن جي شرح 45 سيڪڙو ھئي ۽ انھن م وري عورتن جي شرح 26 سيڪڙو ھئي[4] ضلعي جي اسڪولن م 87 سيڪڙو اسڪول پرائمري تعليم وارا ھئا. .
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.