From Wikipedia, the free encyclopedia
ھونڊوراس يا ھنڊورس : (انگريزي: Honduras ) (i/hɒnˈdjʊərəs/) [3] Spanish: [onˈduɾas] ( ٻڌو)), جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ھونڊوراس آهي، وچ آمريڪا ۾ واقع هڪ ملڪ آهي جنھن جون سرحدون اولھ ۾ گوئٽي مالا سان، ڏکڻ-اولھ ۾ ايل سلويڊور سان، ڏکڻ-اوڀر ۾ نڪاراگوا سان ، ڏکڻ ۾ فونسيڪا واري نار وٽ پيسفڪ سمنڊ سان ملن ٿيون. ۽ اتر ۾ ھونڊوراس جي نار سان ملن ٿيون. ھي ملڪ سورھين صدي ۾ اسپيني بيٺڪيت بڻجڻ کان اڳ ڪيترين ئي ميسوآمريڪي تھذيبن جو مرڪز رھيو ھو جن ۾ سڀ کان مشهور مايا واري تھذيب آھي. اسپين اتي رومن ڪيٿولڪ عقيدو ۽ اسپيني ٻولي سميت ڪيتريون ئي ريتون متعارف ڪرايون جيڪي مقامي ثقافت سان رلي ملي ويون. 1821 ۾ آزاد ٿيندڙ ھي ملڪ تڏهن کان وٺي ھڪ ريپبلڪ رھيو آھي. ان جو اڃان تائين شمار غريب ملڪن ۾ ٿئي ٿو. 1960 ۾ بين الاقوامي انصاف واري عدالت جي فيصلي مطابق ان جي اترئين پاسي ۾ ماسڪئيٽو وارو سامونڊي ڪنارو کيس نڪاراگوا کان مليو.[4] ملڪ جي معيشت زرعي آھي جيڪا قدرتي آفتن جو شڪار ٿيندي رھي ٿي . 1998 وارو مچ نالي سامونڊي طوفان ان جو ھڪ مثال آهي. عام ماڻھو جو تعلق زرعي پوکي سان آهي. دولتمند ماڻھو شھرن ۾ رھندڙ آھن. ھن ملڪ جي انساني ترقي جي اشاريي جي شرح 0.625 آهي جنھن ڪري ان جو شمار وچولي ترقي وارن ملڪن ۾ ٿئي ٿو. ھتان جو سماج گھڻي ڀاڱي ميسٽيزو ماڻهن جو آهي. ان سان گڏوگڏ اتي آمريڪي انڊين، ڪارا ۽ گورا پڻ رھندڙ آھن.
ريپبلڪ آف ھونڊوراس ريپبلڪا ڊي ھونڊوراس (اسپيني ٻولي) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '
| |||||
ترانو: "ھيمو نيسيونل ڊي ھونڊوراس" "ھونڊوراس جو قومي ترانو" | |||||
گادي جو هنڌ | ٽيگوسيگالپا 14°6′N 87°13′W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ٽيگوسيگالپا | ||||
دفتري ٻوليون | اسپيني | ||||
نسلي گروھ ( ) |
| ||||
مقامي آبادي |
| ||||
حڪومت | وحدانيصدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
جوئان آرلنڊو ھرنانڊيز | ||||
• نائب صدر |
رڪارڊو الوئريز آريئاس | ||||
• نيشنل ڪانگريس جو صدر |
مارسيئو اوليوا | ||||
مقننه | نيشنل ڪانگريس | ||||
آزادي | |||||
•
اعلان b اسپينکان |
15 سيپٽمبر 1821 | ||||
•
اعلان پھرين ميڪسيڪن ايمپائر کان |
1 جولائي 1823 | ||||
• اعلان: ھونڊوراس جي حيثيت ۾ ، فيڊرل ريپبلڪ آف سينٽرل آمريڪا کان |
5 نومبر 1838 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
112٬492 km2 (43٬433 sq mi) (101st) | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
9,112,867[1] (95th) | ||||
• 2007 مردم شماري |
7,529,403 | ||||
• گھاٽائي |
64 /km2 (165.8 /sq mi) (128th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$49.010 ارب ڊالر [2] (104th) | ||||
• في سيڪڙو |
$5,817[2] (133rd) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$23.835 ارب ڊالر [2] (108th) |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.