From Wikipedia, the free encyclopedia
نظام الملڪ(انگريزي: Nizam ul Mulk) سلطان التمش جو وزير ۽ سنڌ جو گورنر ھيو. نظام الملڪ 625ھ (28 ــ 1227) ۾ قباچي کان سنڌ ۽ ملتان جي حڪومت کسي التمش پاران گورنر مقرر ٿيو. [1]. رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:سنه 625ھ (1228ع) ۾ سلطان التمش ناصرالدين قباچه کان ملتان ۽ سنڌ جي حڪومت فتح ڪئي. سندس پاران نظام الملڪ سنڌ جو والي مقرر ٿيو. هن سنڌ جو دورو ڪري ماڻهن جون دليون هٿ ڪيون. جلال الدين خوارزم شاهه سنڌ جي شهرن کي ويران ڪيو هو، تن کي هن ٻيهر تعمير ڪرايو. سنه 630ھ (1232ع) ۾ مالوه فتح ڪرڻ کان پوءِ سلطان هن کي ٻيهر واپس گهرايو. نظام الملڪ جي ڏينهن ۾ ڪمال الدين جنيديءَ جهالاوان ۽ مڪران، دهليءَ جي جهنڊي هيٺ آندا، مگر ستت مغلن ٻيهر مڪران تي قبضو ڪري ورتو.[2] اڳ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ اُچ هو، نظام الملڪ التمش جي حڪم موجب بکر کي تختگاه مقرر ڪيو.[3]
نظام الملڪ | |
---|---|
التمش جو وزير ۽ سنڌ جو گورنر | |
پيشرو | ناصرالدين قباچو |
جانشين | نورالدين محمود |
ريجنٽ | سلطان شمس الدين التمش |
جنم | 1018 |
لاڏاڻو | 14 آڪٽوبر 1092 (73 / 74 سال) |
مذھب | اسلام |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.