ناظم آباد سب ڊويزن

From Wikipedia, the free encyclopedia

ناظم آباد سب ڊويزنmap

ناظم آباد سب ڊويزن(انگريزي: Nazimabad Subdivision ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جو هڪ تعلقو آهي جنھن جي جاگرافيائي بيھڪ 67.0472374 لانگيٽيوڊ ۽ 24.9046605 ليٽيٽيوڊ تي آھي، ۽ ان جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 21 ميٽر يا 69 فوٽ آھي[4]. 2013 ۾ ضلعي نظام ختم ڪري شھري حڪومت جو نظام آندو ويو جنھن تحت ڪراچي شھر کي ارڙھن ٽائونن ۾ ورھايو ويو جن م لياقت ٽائون پڻ ھڪ ھيو . 11 جولاء 2015 ۾ شھري حڪومت واري نظام کي ختم ڪري پراڻي ضلعي نظام کي بحال ڪيو ويو تہ لياقت ٽائون مان ٻہ تعلقا جوڙيا ويا: لياقت آباد سب ڊويزن ۽ ناظم آباد سب ڊويزن. ھن تعلقي جي تڪ مان مان 2018 جي عام چونڊن ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو خالد مقبول صديقي ايم اين اي چونڊجي آيو.

ترت ڄاڻ ناظم آباد, ملڪ ...
ناظم آباد
تعلقو
ناظم آباد سب ڊويزن
Thumb
لياقت آباد ٽائون جو نقشو (ان جي ڏکڻ اولھ وارو حصو ڪجهه اضافي سان ھاڻي ناظم آباد سب ڊويزن سڏجي ٿو) [2]
Thumb
ناظم آباد
ناظم آباد
Thumb
ناظم آباد
ناظم آباد
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°54′N 67°02′E
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي سينٽرل ضلعو
يونين ڪاميٽيون 5


  1. يو سي پاپوش نگر 47
  2. يو سي اورنگ آباد 48
  3. يو سي ناظم آباد 1 49
  4. يو سي رضويه سوسائٽي 50
  5. يو سي گلبھار 51
پکيڙ[3]
  ڪل 5.29 ڪ.م2 (2.04 ميل2)
آبادي (2017)[3]
  ڪل 447,435
بند ڪريو


آبادي

ھي تعلقي جي 1998 م آدمشماري 3,63,193 ھئي. 15 مارچ 2017 جي آدمشماري واري تخميني مطابق ھن تعلقي جي آبادي وڌي 4,47,435ٿي وئي[3]. ان ڪاٿي مطابق ھن تعلقي جي في چورس ڪلوميٽر م 48,581 ماڻھو رھن ٿا. تعلقي جي 100 سيڪڙو آبادي شھري آھي[3]. آبادي جي غالب اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي آھي. اقليتي نسلي گروهن م پنجابي، پٺاڻ، سرائڪي ۽ سنڌي اچي وڃن ٿا.

مشھور روڊ ۽ گھٽيون

پاپوش نگر روڊ، ناظم آباد روڊ الطاف علي بريلوي روڊ، سر شاھ محمد سليمان روڊ، نواب صديق علي خان روڊ،

مشھور تعليمي ادارا

سر سيد گورنمينٽ گرلز ڪاليج ناظم آباد بلاڪ 1، گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ناظم آباد بلاڪ 1، مردن جي گورنمينٽ ڪاليج ناظم آباد، عبدالله گرلس ڪاليج پاپوش نگر، سر سيد چلڊرين اڪيڊمي، عثمانيه گرلس ڪاليج، گورنمينٽ وحيدآباد سيڪنڊري اسڪول، حسيني بوائيز سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلس پائلٽ ھائر اسڪول ناظم آباد، اسلام آباد ھاء اسڪول واقع آھن

مشھور اسپتالون ۽ صحت مرڪز

امام زين العابدين اسپتال، نعمت بيگم ھمدرد يونيورسٽي ھاسپيٽل،

باغ ۽ وندر جون جايون

الفاروق ڪرڪيٽ گرائونڊ ناظم آباد 2، سنڌ اسپورٽس بورڊ ڪامپليڪس ناظم آباد، رضويه ڪلب، ڪراچي اسپورٽس فٽبال گرائونڊ، شاليمار پارڪ،

مشھور جايون

گول مارڪيٽ ناظم آباد، امتياز سپر مارڪيٽ (ناظم آباد)، ڊرائيونگ لائسنس آفيس (ناظم آباد برانچ)، گوليمار قبرستان، ڊائمنڊ سپر مارڪيٽ،

ٿاڻا

پاپوش ٿاڻو،

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.