قديم هندستان جي ٻن اهم سنسڪرت جنگ نامن مان هڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
مهاڀارت (انگريزي ٻولي: Maha Bharat) هندستان جي اوائلي ۽ ڊگهي سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) داستان آهي[1][2] جنهن کي هندو مت جا مذهبي لکڻين يا گرنٿن ۾ معتبر حيثيت مليل آهي. ان جا شلوڪ ارڙنهن جُلدَن جي 25 لک لفظن تي ٻَڌل آهن. هي هندن جو ڌرمي ڪتاب آهي، جنهن ۾ پندرهن هزار ڪويتائون آهن، هن ڪتاب کي وياس ديو لکيو،[3] جيڪو سندس اکين ڏٺو احوال آهي. هي ڪتاب مهاڀارت اصل ۾ هڪ جنگ نامو آهي، جنهن جو زمانو 600 ق.م ٻُڌايو ويو آهي. مھاڀارت جو سنڌي ۾ ترجمو ڏھين صدي ۾ ٿيو.[4]
ان سمرتي جي ڀاڱو اتهاس ۾ داخل سمجهيو ويندو آهي. مها ڀارت موضوع جي لحاظ کان انتهائي نرالو آهي، جنهن ۾ جنگ، راڄ دربار، پريم، ڌرم سڀ شامل آهي. ٻين لفظن ۾ اهو چار بنيادي زندگي جي مقصدن ڌرم، ارٿ، ڪام واسنا، موڪش سڀني جو مرڪب يا گڏيل مجموعو آهي. ڀگود گيتا دراصل مهاڀارت جو مختصر حصو آهي، پر اهميت جي اعتبار کان نرالي سُڃاڻپ رکي ٿي.
پانڊون ۽ ڪورون جي وچ ۾ ٿيل جنگ[5][6][7]، جيڪا ڪروڪيشتر جي ميدان جنگ وڙهي وئي،[3] اتي شري ڪرشن ارجن کي ڀڳوت گيتا جو گيان ڏنو هو.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.