سنڌ ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني سرڪار جي وچ ۾ پھرين وڏي جنگ From Wikipedia, the free encyclopedia
مياڻي جي جنگ 16 فيبروري 1843ع تي مياڻي وٽ سنڌي فوجن جو لشڪر ڪٺو ٿيو، جنهن جو انگ ٻاويهه هزار هو. سنڌين وٽ پندرهن توپون هيون. چارلس نيپئر وٽ اٺاويهه سئو سپاهي ۽ ٻارهن توپون هيون. چانڊيا قبيلي جو سردار ڪجهه پنڌ تي ڏهه هزار لشڪر سان انگريزن کي مدد ڏيڻ جي ارادي سان تيار بيٺو هو. 17 فيبروري تي صبح جو سويل جنگ جو طبل وڳو. هڪڙو گولو ٽالپرن جي بارود خاني تي ڪرڻ ڪري سڄو بارود سڙي ويو. ميرن جي توبچي هاويل جي غداري ڪري سموري توپخاني تي دشمن قبضو ڪري ورتو. آهستي آهستي ميرن جي لشڪر ۾ ڀاڄ پئي. مير نصير خان يارهن سئو سوار وٺي واپس حيدرآباد جي قلعي ۾ پهتو. مياڻي جي جنگ جو ذڪر ڪندي ڪيپٽن پوسٽنس پنهنجي تصنيف ’پرسنل آبزرويشن آف سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ” سنڌي فوجي انگريز حملي آورن خلاف ايئن وڙهيا، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي زندگي کان به بدرجها عزيز ڪنهن شيءِ لاءِ وڙهندو آهي.“ 18 فيبروري 1843ع تي مير نصير خان پنجن ميرن سان گڏ پنهنجون تلوارون ڇوڙي، انگريز فاتح اڳيان پٽ تي رکيون..[2]
مياڻيء جي جنگ | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
سلسلو the conquest of Sindh | |||||||
| |||||||
شريڪ جنگ | |||||||
ايسٽ انڊيا ڪمپني جي بمبئي واري فوج | سنڌ جا ٽالپر امير | ||||||
سپهہ سالار ۽ رهنما | |||||||
ميجر جنرل چارلس نيپيئر | مير نصير خان ٽالپور | ||||||
ملوث يونٽ | |||||||
1st Troop Bombay Horse Artillery, 9th Bombay Light Horse, 12th Bombay Native Infantry, 21st Bombay Native Infantry, 25th Bombay Native Infantry, 22nd Cheshire Regiment of foot, Poona Irregular Horse | |||||||
طاقت | |||||||
2,800[1] | 30,000[1] | ||||||
نقصان | |||||||
39 ڄڻا مارجي ويا، 231 ڦَٽجي پيا | ~2000 ڄڻا مارجي ويا |
هيءَ جنگ 17 فيبروري 1843ع تي صبح جو سج لهڻ سان ئي شروع ٿي[3].
مياڻي جي جنگ 17 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد سنڌ جي شهداداڻي ٽالپور گهراڻي جي حاڪم، مير نصير خان ٽالپور غازي، ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جنرل چارلس نيپيئر وچ ۾ ڦليلي واهه جي ڪناري لڳي. هن فيصلو ڪندڙ جنگ ۾ چارلس نيپئر دوکي سان ٽالپور ميرن جي بلوچ فوج کي هارائي حيدرآباد سنڌ تي قبضو ڪيو.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.