مور (انگريزي ٻولي: Peacock) هڪ خوبصورت پکي آهي جيڪو ايشيائي ۽ آفريڪي اڏرڻ وارو پکي آهي، نر جنس جي مٿي تي کنڀن جو هڪ تاج هوندو  آهي،هنن ۾ جيڪا بالغ مادي هوندي آهي اها اڪثر گري يا ڀوري رنگ جي هوندي آهي جڏهن ته انهن جا ننڍا ٻچا پيلا يا هيڊا ۽ تاواني رنگ جا هوندا آهن۔

ترت ڄاڻ مور, ماحولياتي تحفظ ۾ مقام ...
مور
Thumb
Male (peacock) displaying
Thumb
Female (peahen)
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Pavo
جنس: Template:Taxonomy/Pavo{. cristatus
حياتياتي نالو
Pavo cristatus
Linnaeus, 1758
Thumb
Map showing native range
بند ڪريو
Thumb
انڊيا جو مور


مور جو آواز Pavo crista
Thumb

حياتيات ۾ هن جي درجه بندي جي مطابق genus جنس Pavo ۽ خاندان en:pheasant , Phasianidae سان تعلق رکن ٿا. انگريزي ۾ نر مور کي peacock, مادي کي peahen, ۽ ٻچن کي peachicks چيو ويندو آهي.[2]

هنن جا رنگ مختلف هوندا آهن. جاگرافيائي حساب سان ڏٺو وڃي ته مختلف علائقن ۾ مختلف رنگن ۾ ملن ٿا.

هي پکي ڀارت جو قومي پکي آهي.

مور جون ٻوليون

مور پکي ڪيترين ئي قسمن جون ٻوليون ٻولي سگهي ٿو، جن ۾ ڪجهه ٻوليون وڻندڙ ۽ ڪجهه اڻوڻندڙ ۽ ڀوائتيون هونديو آهن. مور پکي جيڪڏهن رات جو مٺڙيون ۽ وڻندڙ ٻوليون ڪري ۽ ٻيا مور به گڏجي مٺڙيون ٻوليون ڪري وڻندڙ سرگم ڇيڙين، ته ٿر ۾ اهو سڪار جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو.پر جيڪڏهن مور گڏجي خوفناڪ اڻ وڻندڙ آواز ڪڍن ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.

سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، مور پکي خوبصورت هئڻ سان گڏ ڏاڍو حساس پکي پڻ آهي. هن پکي جي نر کي مور ۽ مادي کي ڊيل سڏيو وڃي ٿو. مور، نانگ، بلائون، جيت گاهه ۽ سنهو ان کائيندو آهي. هي پکي پنهنجي حفاظت جي معاملي ۾ به ڏاڍو حساس آهي. هي پکي انساني آبادين جي ويجهو رهڻ جي باوجود به آزاد رهڻ پسند ڪري ٿو.

مور وڌيڪ حساس هئڻ سبب پنهنجي آسپاس جي ماحول ۽ موسمن جي ڦير گهير کان به وڌيڪ باخبر رهندو آهي. موسمن جي گرمي سردي جا اثر به مٿس وڌيڪ پون ٿا. انهن موسمن جي ڦير گهير سبب هو مختلف ٻوليون به ڪندو رهندو آهي.

چوماسي جي مند ۾ گُهٽ، آڙنگ، هوا ۾ آبي بخارن ۽ ماحول ۾ پيدا ٿيل گئسن جي خاص خوسبوءِ يا مهڪ مان مور پکي کي به برسات اچڻ جي اڳواٽ اندازو ٿي وڃي ٿو. ان ڪري برسات کان اڳ ۾ ئي هن جي چرپر ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي. برسات جي مند ۾ هن ۾ جنسي هارمونن جي گردش پڻ وڌي ويندي آهي، انڪري مستي ۾ اچي مٺڙيون ٻوليون به ڪندو آهي. برسات جي موسم مور جي لڳ ڪرڻ جي موسم پڻ آهي . ان ڪري هن موسم ۾ هي مستي ۾ اچي خوشي مان رقص ۽ ناچ به ڪندو آهي. برسات جي مند ۾ مينهن جي نه وسڻ سبب ۽ خاص ڪري سيپٽمبر جي مهيني ۾ مينهن نه وسڻ جي صورت ۾، هن جي ٻولين ۾ ڀوائتو رنگ شامل ٿي ويندو آهي. مور جون مٺڙيون ٻوليون برسات ۽ سڪار جو اهڃاڻ سمجهيون وڃن ٿيون ۽ ڀوائتيون ٻوليون مايوسي، محرومي ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهيون وڃن ٿيون. ٿر جا ماڻهو مور جي ٻولين مان ئي ايندڙ موسم بابت سمجهي ويندا آهن ته ڇا ٿيڻو آهي. انهي ڪري هي مور پکي سان وڌيڪ محبت پڻ ڪن ٿا. [3]قداور، رنگين کنڀن سان پيارو ۽ سهڻو پکي ٿيندو آهي. مٿي تي ڪلنگي ٿيندي اٿس، اُن جا کنڀ ڊگها ٿيندا آهن، جن سان ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ ۾ اچڻ وقت سهڻو ڇَترو (ڇَٽ) ڪندو آهي. اهي کنڀ سياري جي شروعات ۾ کُسي ويندا آهن ۽ بعد ۾ نوان ڄمندا آهن. نانگ بلا جو سخت دشمن، ڏسڻ سان ئي ماري ڇڏيندو آهي. برسات وقت گوڙ ٻڌي دانهون ڪندو آهي. رات جو وڻن تي ويهندو آهي. ڳوٺن ۾ ۽ ڀرسات رهندو آهي، جتي وڻن جي گهاٽن ٻُٿن ۾ هيٺ پٽ تي زمين ۾ پاکولي ٺاهي مادي آنا لاهيندي آهي. ڪي ماڻهو مور جا ننڍا ٻچا جهلي پاليندا آهن[4].


قسم

مور ۾ به ڪافي قسم هوندا آهن، ڪجهه هيٺ ڏنل آهن:

ڪانگو مور

Thumb
هڪ ڪانگو مور جو جوڙو (نر ۽ مادي)۔
Thumb
نر مور جي ڳيچي

  سائو مور

Thumb
هڪ خوبصورت سائو مور

هندستاني مور

Thumb
هڪ سفيد هندستاني مور

تصويرون

حوالا

خارجي ڳنڍڻا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.