From Wikipedia, the free encyclopedia
مناجات, حمد، ڀڄن، گيت[1][2] يا رچنا (انگريزي: Hymn) شاعري ۾ عاجزي ۽ التجا سان گهريل دعا کي چوندا آهن[3]. مناجات مذهبي شاعريءَ جو قسم آهي[3].مناجات عربي لفظ ناجيٰ مان نڪتل آھي. مداح وانگر ھي بھ خاص قسم جو شعر اھي[3]. ھن ۾ شاعر پنھنجي ڏکن ۽ تڪليفن جو حال اوري ڌڻي تعاليٰ کان سوال گھرندو آھي ۽ سن کي ٻاڏائيندو آهي[3]. اسلام ۾ ڪن حالتن ۾ پنھنجي ذاتي عقيدت جي بنياد تي پيغمبر صلي الله عليه واٰلهٖ وسلم، اصحابن سڳورن، اولياءَ ۽ درويش کي بہ واسطي طور ڪم آندو ويندو اھي[3]. مداح ۽ مناجات ۾ خاص فرق ھيءُ اھي تہ مداح ۾ خاص مضمون ساراھ ۽ تعريف جو ھوندو اھي ۽ ضمني طور سوال يا عرض بہ ڪيو ويندو اھي[3]. پر مناجات ۾ خاص مضمون، حال اورڻ ۽ مدد لاءِ سوال ڪرڻ ھوندو اھي ۽ ضمني طور ساراھ ۽ تعريف ڪبي اھي[3]. مجموعي طور مداح ۾ ساراھ ھوندي اھي ۽ مناجات ۾ سوال جو عنصر غالب هوندو آهي[3].
مناجات يا رچنا کي عربي ۾ ترتيل چوندا آهن. ان جو ذڪر قرآن جي سورة المزّمّل جي چوٿين آيت ۾ ٿيل آهي.
ھندو مذھب ۾ ويد رچنائن تي مشتمل آھن[4]. مناجات کي سنڌي ۽ ھندي ۾ رچنا يا ڀڄن چوندا آهن.
ھم يا hymn (اين خاموش ) انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني حمد يا حمديه گيت آهي. عبراني بائيبل يا عيسائي بائيبل جي پراڻي عھدنامي ۾ ڏنل حمديه گيتن کي سامز (انگريزي: Psalms ) يا سامز وارو ڪتاب چوندا آهن. عيسائي پادريت وارن ليکڪن اھڙن حمديه بيتن کي لاطيني ٻولي جي لفظ ھمس (hymnus) سان سڏڻ شروع ڪيو جيڪو انگريزي ۾ بگڙي ھم (hymn) ٿي ويو[5]. <be>
عيسائيت م حمديه گيتن جي لاءِ ڏسو :(Matthew 26:30; Mark 14:26; Acts 16:25; 1 Cor 14:26; Ephesians 5:19; Colossians 3:16; James 5:13; cf. Revelation 5:8–10; Revelation 14:1–5).
Problems playing this file? See media help. |
سامز (انگريزي: Psalms ) بائيبل جا حمديه گيت آھن جن کي زبور جا گيت پڻ سڏين ٿا.
عبارت جا اچار: ھلّلُو اث۔ یھواہ ڪل گوھس شبھوئي ھوئي ڪل ھوامِس ڪي جبار، علینوي ہصرائو وآمث یھواہ لائوس ھلّلُویاہ۔
ترجمو: اي قومن وارؤ! سڀئي خدا جي حمد ڪيو۔ اي اُمت وارؤ! سڀئي ان جي تعريف ڪيو، ڇو ته اھو اسان تي مھربان (۽ رحم ڪندڙ) آھي ۽ رڳو ان جي ذات ابدي آھي. خدا جي حمد ڪيو.(ھلّلُو یاہ)۔(زبور۔ 117)
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.