ممبئي
From Wikipedia, the free encyclopedia
ممبئي (Mumbai) جنھن کي پھرين بمبئي (Bombay)، سڏيندا هئا، انڊيا جي رياست مھاراشٽر جو گاديءَ جو هنڌ آھي ۽ انڊيا جو سڀ کان وڏو شھر آھي. ھي شھر انڊيا جي اولھ ۾ ڪوڪن واري سامونڊي ڪناري تي واقع آھي، جتي ھڪ اونھي قدرتي بندرگاھہ پڻ واقع آهي. سال 2008ع ۾ ھن شھر کي الفا ورلڊ سٽي جو درجو مليو. ھي شھر انڊيا جو امير ترين شھر پڻ آهي.[10][11] [12][13] ممبئي جی ٽي جایون ھنڌ عالمي ورثو قرار ڏنل آھن جن ۾ ايليفنٽا غارون، ڇتراپتي شیواجي اسٽيشن ۽ ممبئي جو وڪٽوريائي ۽ جملي آرٽ وارو عمارتي سينگار شامل آهن.[14][15] ست ٻيٽ جن تي ممبئي شھر اڏيل آھي اصل ۾ ڪولھي ماڻھن جي وسندي ھيو جن جو اصل وطن گجرات جو ڪاٺياواڙ ۽ وچولو علائقو ھيو. انھن ئي ھتي ممبائي ديوي جي پوڄا جو رواج وڌو جنھن جي پوڄا اڄوڪي دؤر ۾ بہ ڪاٺياواڙ ۾ جاري آهي. چون ٿا تہ لفظ بمبئي ڪولھي ماڻھن جي ان ديوي جي نالي مان نڪتو ھو.[16][17][18]
Mumbai ممبئي | ||
---|---|---|
شھر (ميگا سٽي) | ||
مٿان کان ھيٺ : ڪوفي پارادي فلڪبوس عمارت ، گيٽ وي آف انڊيا، تاج محل ھوٽل، ڇتراپتي شو جي مھراج ٽرمينس ۽ باندرا وورلي سامونڊي لنڪ | ||
| ||
عرفيت: بمبئي ,[1]ستن ٻيٽن وارو شھر , [2] خوابن جو شھر، انڊيا جو دروازو، انڊيا جو ھاليوڊ [3] | ||
ممبئي سٽي ڊسٽرڪٽ ۽ ممبئي سبوربن ڊسٽرڪٽ نقشي ۾ ڏيکاريل | ||
مھاراشٽر م ممبئي جو مقام | ||
جاگرافي بيهڪ: 18°58′30″N 72°49′33″E | ||
ملڪ | انڊيا | |
رياست | مھاراشٽر | |
= ڊويزن | ڪونڪان | |
ضلعو | ممبئي سٽي ممبئي سبوربن | |
قيام | 1507 | |
نالو پيو | ممبا ديوي | |
حڪومت | ||
• قسم | ميونسپل ڪارپوريشن | |
• مجلس | ميونسيپل ڪارپوريشن آف گريٽر ممبئي | |
• ميئر | وشواناٿ مھاديشور [4][5][6] (شو سينا) | |
• ميونسپل ڪمشنر | Ajoy Mehta[7] | |
پکيڙ | ||
• شھر (ميگا سٽي) | 603 ڪ.م2 (233 ميل2) | |
• ميٽرو[8] | 4,355 ڪ.م2 (1,681.5 ميل2) | |
بلندي | 14 ميل (46 ft) | |
آبادي (2011)[9] | ||
• شھر (ميگا سٽي) | 12,442,373 |
صدين تائين ھن علائقي تي مقامي ماڻھن جو راڄ رھيو پوء ان تي پورچوگال قبضو ڪيو جنھن بعد 1661 ۾ انگلينڊ جي بادشاھ چارلس ٻئين پورچوگال جي براگانزا گھراڻيجي شھزادي ڪيٿرائين سائيشادي ڪئي تہ ھي علائقو: ستن ٻيٽن واري بندرگاھ کيس کي ڏاج م ڏنو وئي. جنھن بعد برٽش حڪومت اھو علائقو سالياني 10 پائونڊ جي عيوض مقاطعي (ليز) تي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ڏنو جنھن ان جو قبضو ورتو. ستن ٻيٽن جي وچ واري علائقي کي پاڻي مان ٻاھر ڪڍڻ واري ھارنبي ويلارڊ پراجيڪٽ ، روڊن ۽ ريلوي نظام ذريعي ڳنڍي 1845 تائين ھڪ وڏي بندرگاھ ۾ تبديل ڪيو ويو. جيڪو اوڻويھين صدي ۾ معاشي ۽ تعليمي ترقي جو مرڪز ٿي ويو.[19]