محمد خان مجيدي (انگريزي:Muhammad Khan Majeedi) سنڌ جو نرالو عوامي شاعر هو.
زندگي جو احوال
محمد خان مجيدي قيصر خان جتوئي جي گهر ۾ 5جنوري 1918ع تي جھوڪ شريف ويجهو ڳوٺ شادمان جتوئي، ٺٽو ضلعو جي ميرپور بٺورو تعلقو ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻڪريون چارڻ لڳو. 1925ع ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيو.[1][2][3]
تعليم ۽ ڪرت
محمد خان مجيدي 1932ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پهرئين نمبر ۾ پاس ڪيو. هيءُ 1934ع ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ 1976ع ۾ نوڪري تان سجاول شهر جي اسڪول مان رٽائر ٿيو. [1]
شاعري
محمد خان مجيدي، شاعريءَ جي شروعات 1937ع ۾ فائينل سنڌي جي پڙهڻ دوران ڪئي ۽ هن باقاعده شاعري ۾ موسيقي آڌارڻ جو علم عروض سکيو. اول هن ايم جتوئي جي قلمي نالي سان شاعري ڪئي بعد ۾ مجيدي تخلص اختيار ڪيائين. سندس پهريون شعر 1938ع ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ شايع ٿيو. [1] کيس سندس وفات کان پوءِ 14 آگيٽ 2012ع تي حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي تمغو براءِ حسن ڪارڪردگي ڏنو ويو.[4]
ڪتاب
مجيدي جي شاعري تي مشتمل سندس پهريون ڪتاب سنڌڙي ۽ ان جون قومون 1962ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٻيو شاعري جو ٻيو ڪتاب مٽي منهنجي مٽي آهي 2000ع ۾ شايع ٿيو.
وفات
محمد خان مجيدي 7اپريل 2003ع تي وفات ڪري ويو.[1]
حوالا
Wikiwand in your browser!
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.