مانجھند تعلقو
From Wikipedia, the free encyclopedia
From Wikipedia, the free encyclopedia
مانجھند تعلقو(انگريزي: Manjhand Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام مانجھند شھر آھي.
مانجھند سنڌ جو قديم شھر جيڪو درياء سنڌ جو بندر ھيو ۽ واپار جو مرڪز ھيو. درياء جي آبڪلاڻي ھن شھر کي بار بار نقصان پھچائي کيس ڦٽائي ڇڏيو. ٽالپرن جي دؤر م پراڻي ڦٽل شھر کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ٻيھر اباد تي عروج حاصل ڪيو . برٽش انڊين حڪومت شھر کان ڪجهه فاصلي تي ريلوي اسٽيشن تعمير ڪرائي . پاڪستان ٺھڻ بعد 2005 ۾ ھن شھر جي يونين ڪائونسل تعلقي جو درجو حاصل ڪيو.
ھي درٻار موجوده مانجھند شھر کان اتر اوڀر طرف ڪجهه ڪلوميٽرن تي واقع آهي. عام طور تي ھن درٻار کي شو ديوتا جو مندر سڏين ٿا. پراڻي ڦٽل شھر مانجھند جي يادگار جي درٻار وڃي بچي آهي جيڪا مخدوش حالت ۾ آھي. ھي درٻار 30 فٽ ڊگھي ، 25 فٽ ويڪري ۽ 16 فٽ اوچي آھي.آھي. ان جي ديوارن تي اندران ۽ ٻاھران خوبصورت چٽ چٽيل آهي.[1]ان جي پاسي م ھڪ ڌرم شالا ھوندو ھو جنھن ۾ زيارت ڪندڙ رھندا ھيا . ھڪ باغ پڻ اتي واقع ھيو جيڪي سڀ ڦٽي ويا ۽ ھينئر صرف نشان بچيل آھن.
مانجھند تعلقي جي آبادي پھرين مارچ 1998 ۾ 100105 ھئي. 15 مارچ 2017 جي آدمشماري مطابق وڌي 140840 ٿي وئي. مانجھند جي پکيڙ 2279 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ ان جي آبادي جي نسبت مطابق ھن تعلقي م آبادي جي گھاٽائي 61.80 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر آهي.آبادي مان 119628 ماڻھو يعني ڪل آبادي جو 84.9 سيڪڙو ماڻهو تعلقي جي ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ آھن. باقي 21212 ماڻھو مانجھند شھر م رھن ٿا جيڪي ڪل آباديءَ جو 15.1 سيڪڙو اھن[2].
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.