لتا منگيشڪر
ڀارتي ڳائڻي (گلوڪارا) / From Wikipedia, the free encyclopedia
لتا منگيشڪر (انگريزي ٻولي: Lata Mangeshkar)، جنم: 28 سيپٽمبر 1929ع، وفات: 06 فيبروري 2022ع) هندستان جي مشهور گلوڪاره ۽ موسيقاره ھئي[2]. پنهنجي مڌر آواز ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ سبب کيس نه فقط هندستان بلڪہ سڄي ننڍي کنڊ ۾ انتهائي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هن 2000 کان وڌيڪ فلمن ۾ پنهنجا سر وکيريا ۽ هندي، مرهٺي ۽ بنگاليءَ سميت 36 کان وڌيڪ مقامي هندستاني ۽ ڪجهه ٻاهرين ٻولين ۾ فلمي گيت ڳايا[3]. سندس شاندار موسيقيءَ جو سفر ڇهن ڏهاڪن تي مشتمل آهي. موسيقيءَ جي لاءِ سندس لافاني خدمتن جي اعتراف طور کيس ڪيترن ئي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو. 1989ع ۾ کيس هندستاني سئنيما جو وڏي ۾ وڏو ”دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ“ ڏنو ويو. 2001ع ۾ موسيقيءَ جي دنيا ۾ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ جي مڃتا طور کيس ”ڀارت رتنا“ ايوارڊ ڏنو ويو. هيءُ هندستان جو سڀ کان وڏو شهري اعزاز آهي. 2007ع ۾ هن کي فرانس به پنهنجي سڀ کان وڏي شهري اعزاز سان نوازيو. ان کان علاوھ هن ٻيا به ڪئين ايوارڊ حاصل ڪيا آهن. هيءَ هندستان جي پهرين ڳائڻي ھئي جنهن کي 1974ع ۾ لنڊن جي رائل البرٽ هال ۾ ڳائڻ جو موقعو مليو.
لتا منگيشڪر | |
---|---|
پيدائش | هيما منگيشڪر سيپٽمبر 1929 (عمر 94 سال)[1] اِنڊور, انڊور اسٽيٽ, ڀارت (موجوده مڌيا پرديش) |
وفات | 06 فيبروري 2022ع |
قوميت | هندستاني |
ٻيا نالا | سُر جي راڻي, قومي آواز, صدين جي صدا, هندستان جي بلبل |
پيشو | گلوڪاره, موسيقار, پروڊيوسر |
سَرگَرمُ سالَ | 1942 کان هاڻي تائين |
ماءُپيءُ | دينا منگيشڪر (پيءُ) شيوانتي منگيشڪر (ماءُ) |
رشتيدار | مينا کاديڪر (ڀيڻ) آشا ڀوسلي (ڀيڻ) اُشا منگيشڪر (ڀيڻ) هريديناٿ منگيشڪر (ڀاءُ)) |
اعزاز |
|
پارليامينٽ جي ميمبر – راجيه سڀا | |
عهدو سنڀاليو 22 نومبر 1999 – 21 نومبر 2005 | |
سڃاڻپ نشان | |