From Wikipedia, the free encyclopedia
قومي پارڪ ھڪ قدرتي پارڪ آھي جنھن کي تحفظ جي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي، جيڪو قومي حڪومتن پاران ٺاھيو ۽ محفوظ ڪيو ويندو آھي. گهڻو ڪري اهو قدرتي، نيم قدرتي يا ترقي يافته زمين جو محفوظ علایقو آهي جنهن کي حڪومت مخصوص ڪري ٿي. جيتوڻيڪ انفرادي ملڪ پنهنجن قومي پارڪن کي مختلف نموني سان ترتيب ڏين ٿا، پر نسلن جي لاء 'جهنگلي فطرت' جو تحفظ ۽ قومي فخر جي علامت طور، ھن مقصد لاء هڪ عام جذبو آهي.[1] قومي پارڪ تقريبا هميشه سياحن لاء کليل رهندا آهن.[2]
آمريڪا سال 1872ع ۾ ییلو اسٽون نيشنل پارڪ جی نالی سان پهريون ”عوامي پارڪ يا عوام جي فائدي ۽ لطف اندوزي لاءِ عوامي پارڪ“ قائم ڪيو.[3] جيتوڻيڪ ییلو اسٽون پارڪ سرڪاري طور تي ان جي قائم ڪيل قانون ۾ ”قومي پارڪ“ قرار نه ڏنو ويو، پر ان کي عملي طور تي هميشه ائين سڏيو ويو آھي[4] ۽ وڏي پيماني تي دنيا جو پهريون ۽ پراڻو قومي پارڪ آهي.[5] بهرحال، ٽوباگو مين رج فاريسٽ ریزرو (جیڪا هاڻ ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو آهي ۽ سال 1776ع ۾ قائم ٿيو)[6] ۽ بوگدخان اول جبل (منگوليا، سال 1778ع) جي ڀرپاسي وارو علائقو، جن کي ڀرپاسي جي زرعي زمين جي حفاظت لاءِ پوکيءَ کان روڪيو ويو هو، قديم ترين قانوني طور تي محفوظ علائقن جي طور تي ڏٺو ويندو آهي.[7] [8] پارڪ ڪينيڊا، جیڪا 19 مئي، 1911ع تي قائم ڪیو ويو، دنيا جو پهرين قومی پارڪ سروس جو ادارو بڻجي ویو.[9]
هڪ بين الاقوامي تنظيم، انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر (IUCN) ۽ ان جي ورلڊ ڪميشن آن پروٽيڪيڊ ايرياز (WCPA)، "نيشنل پارڪ" کي ان جي درجي جي دویم (II) قسم جي محفوظ علائقن طور تي بيان ڪيو آهي.[10] تنظیم، IUCN جي مطابق، سڄي دنيا ۾ 6,555 نيشنل پارڪ سال 2006ع ۾ ان جي معيار کي پورا ڪيو. تنظیم IUCN اڃا تائين هڪ قومي پارڪ جي وضاحت جي معيارن تي بحث ڪري رهيو آهي.[11]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.