فارس صوبو
From Wikipedia, the free encyclopedia
فارس صوبو (انگريزي: Fars Province) ايران جو ھڪ صوبو آھي جنھن کي پارس بہ ڪوٺيو وڃي ٿو. ھن صوبي جي پکيڙ 122400 چورس ڪلوميٽر آھي. ھي ايران جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي ۽ ھن جي گاديءَ جو ھنڌ شيراز آھي جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان ايران جو پنجون وڏو شھر آھي[1]. 2011ع جي انگن اکرن مطابق ھن صوبي جي آدمشماري 4.6 ملين ماڻھن تي مشتمل آھي جن مان 67.6 سيڪڙو ماڻھو شھرن ۾ ۽ 32.1 سيڪڙو ڳوٺن ۾ رھن ٿا. باقي 0.3 سيڪڙو خانہ بدوش قبيلن سان واسطو رکن ٿا. ھي پکيڙ توڙي آباديءَ ۾ ايران جو چوٿون وڏو صوبو آھي. ھن صوبي ۾ 36 شھر، 96 ضلعا ۽ 120 شھرستان (Counties) آھن.
تاريخي طور تي ھي فارسي قوم جو ديس آھي جتي پرشيا (پراڻي ايران) جي ھخامنشي ۽ ساساني بادشاھن وڏي مان ۽ شان سان پنھنجي بادشاھت قائم ڪئي[2]. ھخامنشي سلطنت جي گاديءَ جا ھنڌ پاسارگاد ۽ تخت جمشيد (پرسيپولس) ھن ّخطي جي عظيم تاريخ جا اھڃاڻ آھن. ھن علائقي جي تاريخي اھميت سبب يورپ وارا سڄي ايران کي پرشيا ڪوٺين ٿا[3]. عربن جي حڪمرانيءَ کان اڳ ھن علائقي کي پارس سڏيو ويندو ھو.