![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/f/f3/Gilgit-Baltistan_map_with_tehsils_labelled.png/640px-Gilgit-Baltistan_map_with_tehsils_labelled.png&w=640&q=50)
ضلعو غذر
From Wikipedia, the free encyclopedia
غذر ضلعو (Ghizer District) پاڪستان جي انتظامي يونٽ گلگت بلتستان جي گلگت ڊويزن جو ضلعو آهي جنھن جو صدر مقام گاڪچ شھر آھي. سال 1974ع کان 2019ع تائين ھي ضلعو اپر گلگت ندي واري سموري علائقي تي مشتمل ھو پر سال 2019ع ۾ ان کي ٽوڙي ان جي اولھ واري حصي تي مشتمل گوپيس-ياسين ضلعو ٺاھيو ويو ۽ اوڀر واري حصي کي غذر ضلعي طور برقرار رکيو ويو.[3].
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/3/38/Map_of_ghizer.jpg/640px-Map_of_ghizer.jpg)
ترت ڄاڻ غذر ضلعو Ghizer District, ملڪ ...
غذر ضلعو Ghizer District | |
---|---|
گلگت بلتستان جو ضلعو | |
![]() گلگت بلتستان جا ضلعا[2] | |
ملڪ | پاڪستان |
انتظامي يونٽ | [[Image:|22x20px|border |link=]] گلگت-بلتستان |
ڊويزن | گلگت ڊويزن |
صدر مقام | گاڪچ |
بند ڪريو
موجوده غذر ضلعي جي اتر ۾ خيبرپختونخوا جو اپر چترال ضلعو ۽ افغانستان جي صوبي بدخشان جو واخان ضلعو، اوڀر ۾ ھنزہ ضلعو، نگر ضلعو ۽ گلگت ضلعو، ڏکڻ ۾ تانگير ضلعو، ڏکڻ اولھ ۾ داريل ضلعو ۽ اولھ ۾ گوپيس-ياسين ضلعو واقع آهي. غذر ضلعو ھيٺين ٻن تعلقن ۾ ورھايل آھي:
- اشڪومان تعلقو
- پونيئل تعلقو