عمرڪوٽ
سنڌ جو هڪ شھر ۽ ضلعي صدر مقام / From Wikipedia, the free encyclopedia
عمرڪوٽ(انگريزي: Umer Kot City ) (اردو: عمرکوٹ, پاڪستان جي صوبي سنڌ جو شهر ۽ عمرڪوٽ ضلعي جو صدر مقام آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ هيءُ شهر قديم شهرن مان ليکجي ٿو. روايت موجب وقت جي حاڪم عمر سومري ”مارئيءَ“ کي کڻي اچي هن شهر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو هو. هيءُ شهر 22 – 25 اتر ڊگهائي ڦاڪ 47 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ آهي. هي واريءَ ۾ ڏاڍي زمين جي دنگ تي آهي. هتي 1542ع ۾ هاڪارو مغل بادشاهه اڪبر اعظم ڄائو هو. هن شهر جو بنياد بلڪل آڳاٽو آهي ۽ غالباً عمر سومري جو ٻڌايل آهي. يارهين صديءَ ۾ راجا اَمر سنگ قلعو ٺهرايو. 1355ع ۾ عمر سومري پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو. 1746ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي قلعو ٺهرايو، جو اڃا تائين سلامت آهي. ڪن محققن جي راءِ آهي ته قلعو سنڌ ۾ اسلامي دور کان به اڳ جو جوڙايل آهي.[1] انگريزن عمرڪوٽ کي ضلعي جو هيڊڪوارٽر ڪيو. 1906ع کان پوءِ ميرپروخاص هيڊ ڪوارٽر ڪيو ويو. شهر جي رونق چڱي آهي، واپار چڱو هلي ٿو. هن جي چوڌاري باغن ۾ ميوات ۽ واڙين ۾ هر قسم جي ڀاڄي ٿئي ٿي. هيءُ شهر اڳي راجپوتن جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهنڪري ٿر جو ”تِيلاٽ“ ليکبو هو. مارواڙي قومون گهڻو ڪري پهريائين هتي اچي رهيون، جي پوءِ 1874ع ۾ اڀرندي نماري جي ٻوڏن ۽ ٻين ڪن سببن جي ڪري مٺي، ڇاڇري ڪانٽئي، چيلهار، پارني، ٻڳل، ويراڙي، ڌارناسر ۽ ٻين ڳوٺن ڏي لڏي ويون. هتي مردانو ۽ زنانو پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، سول ڪورٽ، ڊپٽِي ڪليڪٽر جي آفيس، مختيارڪار جي آفيس، سرڪٽ هائوس، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس جي آفيس، ايڪسائيز انسپيڪٽر جي آفيس، پاڪستان سرڪار جو ميوزم، ٽائون ڪميٽي، ٽيليفون آفيس، پوليس ٿاڻو، مسافر خانو، تعلقو اسپتال ۽ انجنيري بنگلا آهن. ويجهيون ريلوي اسٽيشنون ڇوڙ ۽ ڍورو نارو 12 ۽ 14 ميل جي فاصلي تي آهن. ميرپور خاص 46 ميل پري آهي، جو پڪو روڊ آهي. ڪنري اسٽِيشن سان به آمدرفت چالو آهي. هيءُ شهر سڀني شهرن سان لاريءَ رستي ڳنڍيل آهي[2].
عمرڪورٽ | |
---|---|
شھر | |
Umerkot Fort | |
عرفيت: امرڪوٽ | |
Location of Umerkot within Sindh Province | |
جاگرافي بيهڪ: 25°21′47″N 69°44′33″E | |
ملڪ | پاڪستان ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | عمرڪوٽ |