From Wikipedia, the free encyclopedia
عمر خيام (Omar Khayyam؛ 1048- 1131ع) هڪ دانشور، شاعر ۽ جج هو. هُن کي مذهب کان باغي سمجهيو وڃي ٿو. عمر خيام الجبرا جون مساواتون، انهن جا حلَ ۽ ڪيوبڪ مساوات به پيش ڪيون. خيام نمبرن جي ٿيوري به پيش ڪئي، جيڪا نيوٽن جي فارمولا سان ويجهڙائي رکي ٿي. هُن ٽڪنڊي جي ڪاٿي جو فارمولا به پيش ڪيو هو. اڄ اسين ٽڪنڊي بابت "پاسڪل جي ٿيوري" تي عمل ڪريون ٿا، جڏهن ته پاسڪل يا نيوٽن کان به 500 سال اڳ عمر خيام انهن ٿيوريز تي ڪم ڪيو هو.
عمر خيام اسڪوائر روٽ ۽ ڪيوبڪ روٽ جا فارمولا به پيش ڪيا. ڪيوبڪ مساوات بابت سندس ڪتاب 52 صفحن تي آهي. خيام پهريون شخص هو، جنهن آلجبرا کي جاميٽريءَ جي مساوات ۾ استعمال ڪيو هو. عمر خيام اڪليدس جي جاميٽريءَ جي اصولن تي ڪيترا ئي سوال اٿاريا ۽ جاميٽريءَ جون نيون ٿيوريون (اصولَ) به پيش ڪيا. پوءِ اهي ٿيوريون ترڪيءَ جي نصيرالدين طوسيءَ استعمال ڪيون. عمر خيام جا فلڪيات حوالي سان به گهڻائي ڪتاب لکيل آهن. [1] [2] []
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.