عرب ليگ(انگريزي: Arab League ) جنھن جو رسمي نالو ليگ آف عرب اسٽيٽس (انگريزي: League of Arab States ) آھي 1945 ۾ قائم ٿي. ان جو مقصد يورپ ملڪن کان آزادي حاصل ڪندڙ عرب ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ ھيو. ان تنظيم جو بنياد وجھندڙ رڪن مصر، عراق، اردن، شام، سعودي عرب، لبنان ۽ يمن ھيا. جنھن بعد وڌيڪ 15 ملڪ ان ۾ شامل ٿيا. جن جا نالا آهن: الجيريا، بحرين، ڪومورو آئلينڊز، جبوتي،ڪويت، لبيا، ماريطانيہ، مراڪش، اومان، فلسطين، قطر، تيونس، يونائيٽيڊ عرب امارات، صوماليا، سوڊان. ان جو مستقبل صدر مقام مصر جي شھر قاھرہ ۾ آھي[1]. اھا عرب اتحاد ۽ سھڪار جي لاء ھڪ سيڪيولر تنظيم آھي. اھو فورم عرب ملڪن جي پنھنجي سياسي، قانوني، سلامتي، آمدورفت، رابطن جي ذريعن، معاشي ترقي ، سماجي ۽ ثقافتي معاملن متعلق سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاء آھي. ان جو سڀ کان وڏو آفيسر آن جو سيڪريٽري جنرل ھوندو آھي ۽ سڀ کان وڏي اختياري ان تنظيم جي ڪائونسل آهي جيڪا رڪن ملڪن جي نمائندن تي مشتمل ھوندي آھي[1]. عرب ليگ جو اجلاس سال ۾ ٻہ دفعا ٿيندو آهي جنھن ۾ ملڪن جا سربراهه شريڪ ٿيندا آهن. ھن تنظيم ذريعي اتحاد ھجڻ باوجود عرب ملڪن ۾ پاڻ ۾ معاشي نابرابري، سياسي تشڪيل ۽ نظرياتي اختلافن ۽ سربراھن جي پاڻ ۾ ذاتي اختلافن سبب نفاق موجود آهي[1]. مصر جڏهن عرب ليگ ۾ سيڪيولر خيال واري جمال عبدالناصر جي سربراهي ۾ حاوي ھيو تہ سعودي عرب 1962 ۾ اسلامي ملڪن جي ھڪ وڏي اتحاد جو بنياد وڌو ۽ بعد م مصر کي عرب ليگ مان اسرائيل سان 1979 ۾ امن معاهدو ڪرڻ جي ڪري نيڪالي ڏني وئي ۽ 1987 ۾ ان جي رڪنيت وري بحال ڪئي وئي جيڪو عرب ليگ ۾ موجود نفاق جو ھڪ مثال آهي[1]. 1990 ۾ عراق جو ڪويت تي حملو پڻ نفاق جو ھڪ ٻيو مثال آهي[1]. انھن حضرت علي جي خليفي ٿيڻ جي حمايت ڪندڙن ۾ ھئا. انھن عباسين جي بنو اميہ وارن جي خلاف انقلاب جي پڻ حمايت ڪئي[1].

 ?


ملڪن جي رڪنيت جون تاريخون

Thumb

(1979 کان 1989 تائين ان جي رڪنيت معطل رھي)

عرب ليگ جا سيڪريٽري جنرل


وڌيڪ معلومات سيڪريٽري جنرل, جنم ڏينهن ...
سيڪريٽري جنرل جنم ڏينهن آفيس سنڀاليائين آفيس ڇڏيائين قوميت تصوير
1 عبدالرحمن حسن اعظم 1893–1976 22 مارچ 1945 سيپٽمبر 1952  مصر
2 عبدالخليل حسونة 1898–1992 سيپٽمبر 1952 1 جون 1972  مصر
3 محمود رياض 1917–1992 1 جون 1972 مارچ 1979  مصر Thumb
4 شازلي قليبي 1925 مارچ 1979 سيپٽمبر 1990  تيونس Thumb
5 احمد عصمت عبدالمجيد 1924–2013 15 مئي 1991 15 مئي 2001  مصر Thumb
6 عمرو موسیٰ 1936 15 مئي 2001 1 جولاءِ 2011  مصر Thumb
7 نبيل العربي 1935 1 جولاءِ 2011 3 جولاءِ 2016  مصر Thumb
8 احمد ابوالغيط 1942 3 جولاءِ 2016 '  مصر Thumb
بند ڪريو

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.