عجائب گھر (ٻوٽو)
From Wikipedia, the free encyclopedia
عجائب گهر گل گهڻن قسمن جو آهي. هن جو انگريزي ڪتابي نالو هائيبسڪس آهي. هن جو هڪڙو قسم ته ڳاڙهو ٿو ٿئي. ٻيو عجيب قسم آهي جنهن جاگل ڀريل ٿا ٿين.کلڻ مهل اڇا ٿين، پوءِ پيازي ۽ پوءِ آخر ڳاڙها. انهيءَ ڪري انگريزيءَ ۾ هن جو رواجي نالو چينجبل روز (يعني مٽجڻ وارو گلاب) آهي. هي ننڍو وڻ ٿو ٿئي، اٽڪل اٺ فوٽ وڏو آهي. پن وڏا پشمدار ۽ دلجي شڪل جهڙا اٿس. اڪثر آڪٽوبر ۽ نومبر مهينن ۾ گل جهلي ٿو. قلمن هڻڻ سان وڌي سگهي ٿو. هلڪي گل وارو، ٻج مان به ٿيندو آهي. هن جو ٻيو هڪڙو قسم آهي جو پڻ رنگ بدلائيندو آهي. هي وچولي قد جو آهي. انهيءَ کي هندستانيءَ ۾ بالا ڪري سڏيندا آهن..[2]
ترت ڄاڻ عجائب گھر, سائنسي درجا بندي ...
عجائب گھر | |
---|---|
ھبسڪس روزا سنينسس | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Hibisceae |
Genus: | Hibiscus ڪارل لينيوئس |
جنسون | |
ڪل 679 جنسون | |
هم معنيٰ[1] | |
Adans.
|
بند ڪريو