شوڪت شورو
ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، مقالا نويس، ڪالم نگار / From Wikipedia, the free encyclopedia
شوڪت شورو انگريزي ٻولي (Shaukat Shoro) (4 جولاءِ 1947 - نومبر 9, 2021)؛ سنڌ پاڪستان. جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو ناميارو جديد اديب، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار هيو[1][2]. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ڪيترائي ڊرامه پڻ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن عوام ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. شوڪت شورو سنڌي ساهت جوانتهائي منفرد ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ڊراما نگار آهي جنهن ڪري سنڌ توڙي هند جي سنڌي اديبن ۾ هڪ جيترو مقبول آهي. [3].[4].[5][6]
شوڪت شورو Shaukat Shoro | |
---|---|
پيدائش | شوڪت حسين شورو جُولاءِ 1947 (عمر 76–77 سال) ڳوٺ نور محمد شورو،سجاول تعلقي، ٺٽي ضلعي (هاڻ سجاول ضلعي) |
وفات | 9 نومبر 2021 ڪراچي |
مدفون | ڄامشورو |
قلمي نالو | شوڪت شورو |
ڌنڌو | ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار |
ٻولي | سنڌي |
شهريت | پاڪستان |
تعليم | ایم اي (سنڌي ادب) |
مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽيڄامشورو |
موضوع | افسانہ، ڪالم، ڊراما |
مُکيه ڪم | گونگي ڌرتي ٻوڙو آسمان اکين ۾ ٽنگيل سپنا گم ٿيل پاڇو رات جو رنگ کوئي هوئي پرڇائي |
ايوارڊ | بهترين ڪهاڻيڪار (سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد)
ـ شوڪت حسين شورو کي اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا پاران ”سنڌ اديب“ ايوارڊ رام. ڄيٺملاڻي جي ھٿان ممبئي ۾ 2015 ۾ ڏنو ويو. ـ ”شوڪت حسين شورو ـ شخصيت ۽ فن “ ٽاپڪ تي ارشد چنا علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد مان ايم ـ فل جي ڊگري حاصل ڪئي. ـ شوڪت حسين شورو بابت چاندي ٻائي ڪاليج، الھاس نگر، انڊيا ۾ 2017 ۾ ادبي سيمينار آيوجت ڪيو ويو. -هندستان جي سرڪاري سطح تي مهاراشٽرا راجيه سنڌي آڪادميءَ طرفان 2018 ۾ 'کوئي هوئي پرڇائي' ڪتاب تي انعام حاصل ٿيل. |