شورڪوٽ
پاڪستان، پنجاب ۾ جاءِ From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪستان، پنجاب ۾ جاءِ From Wikipedia, the free encyclopedia
شورڪوٽ(انگريزي: Shorkot) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي جھنگ جو ھڪ شھر ۽ ساڳي نالي سان تحصيل جو صدر مقام آهي، جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 30°30'N 72°24'E 131 ميٽرن جي الٽيٽيوڊ تي آهي. [1][2] ھي شھر صوفي بزرگن سلطان باهو ۽ سيد بھادر علي شاھ ,[3] شاھ محمود غازي عرف غازي پير، سيد محبوب عالم شاھ گيلاني جي مقبرن جي ڪري مشهور آهي. محبوب عالم جو مقبرو شھر جي وچ ۾ آهي. ھي بزرگ جھانگير بادشاهه جي دؤر ۾ ڄائو ۽ 1079 ھجري ۾ اورنگزيب عالمگير جي دؤر ۾ فوت ٿيو. ھڪ روايت مطابق اورنگزيب ساڻس شورڪوٽ ۾ ملاقات لاءِ آيو ۽ سندس مريد ٿي ويو ۽ سندس خاندان کي شورڪوٽ ٻاھران وسيع زمين عنايت ڪيائين. شاھ عالم II بعد ۾ ان جي قبر مٿان مقبرو تعمير ڪرايو جيڪو مغلن جي فن تعمير جو شاھڪار آھي ۽ اڃان تائين قائم آھي.[4]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.