From Wikipedia, the free encyclopedia
سنڌ جو معروف صوفي گلوڪار. سندن پورو نالو فقير سھراب منڱهار ھو. ھو 1934ع ميں خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيا. پاڻ اٺن ورھن جي عمر کان صوفين جو ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو ھئائون ۽ سڄي زندگي اھو ئي ڪم ڪيو جيڪو سندس پيٽ گذر تہ ھيو ئي پر محبوب مشغلہ بہ ھو. ھي فن کين ورثي ۾ مليو. سندن جو والد ھمل فقير پڻ پنھنجي وقت جو وڏو گائڪ ھيو ۽ ٺري مير واھ ۾ مدفون بزرگ شاعر خوش خير محمد ھيسباڻي جو مريد ھو. ڪجهه پٽ کي ھن تربيت ڏني تہ ڪجهه پٽ جو شوق جنھن سھراب خاصخيليءَ کي سھراب فقير بڻائي ڇڏيو. سائين سچل سرمست جو ڪلام خصوصاً گڏ ڳائڻ جو ملڪو حاصل ڪيو. ٻاھرين ملڪن ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيائون ۽ برطانيہ ، ڀارت، ناروي، سعودي عرب ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي ڪري پاڻ ٻڌندڙن کان داد وصول ڪيائون. ھو سائين سچل کان علاوه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سلطان باھو، سائين بلي شاھ ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام بہ ڳايائون. 23 آڪٽوبر 2009ع تي ڪراچي جي ھڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويا.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.